رياض-01 فيبروري(اي پي پي) سعودي عرب ۾ بدعنواني جي خاتمي واري ا??ار?? نزاهته بدعنواني جي الزامن ۾ ڪيترن ئي ??عليٰ عهدي??ار?? کي گرفتار ڪري ورتو آهي. اردو نيوز جي رپورٽ موجب حراست هيٺ ماڻهن ۾ قاضي، عدالت جو ڪاتب، گورنريٽ جا اهلڪار ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ا??ار?? جا عهديدار ۽ حڪومتي اهلڪارن کانسواءِ پرڏيهي ماڻهو به شامل آهن. عدل واري وزار?? جي تعاون سان اينٽي ڪرپشن ا??ار?? جي ٽيمن هڪ ڪمشنري جي نوٽري پبل?? جي اڳوڻي ڊائريڪٽر کي سرڪاري زمين کي پنهنجي رشتيدار جي نالي منتقل ڪرڻ جي الزام ۾ حراست ۾ ورتو. انهي ڪيس ۾ هڪ اڳوڻي جج کي به حراست ۾ ورتو ويو. جج تي زمين جي منتقلي ڊيڊ جي تصديق ڪرڻ تي 10 ملين ريال وصول ڪرڻ جو الزام آهي. ان کانسواءِ نوٽري پبل?? جي ٻن وڌيڪ اهلڪارن کي به گرفتار ڪيو ويو، هنن زمين جي ليز جاري ڪرائڻ ۾ تعاون ڪرڻ تي مبينه طور تي 50 لک ريال وصول ڪيا، بدعنواني جي ٻي ڪيس ۾ بلديه جي هڪ اهلڪار کي حراست ۾ ورتو ويو، ٽئين ڪيس ۾ به نوٽري پبل?? جي ڊائريڪٽر کي جعلي دستاويزن تي زمين جي وڪري جا دستاويز جاري ڪرائڻ ۽ ان کي 1.2 ملين ريال ۾ وڪرو ڪرڻ جي الزام ۾ حراست ۾ ورتو ويو، چوٿين ڪيس ۾ هڪ گورنريٽ جي اهلڪار کي گرفتار ڪيو ويو جنهن تي غير قانوني طور تي 16 ترقياتي منصوبن جو ٺيڪو جاري ڪرايو جنهن جي منافعي جي ماليت 2.65 ملين ريال هئي. ٻين ڪيسن ۾ جيل جي هڪ ميجر رينگ جي آفيسر کي حراست ۾ ورتو ويو.
سعودي اختيارين بدعنواني جي الزامن ۾ ڪيترن ئي اعليٰ عهديدارن کي گرفتار ڪري روتو
مضمون کا ماخذ : میگا جیک پاٹس: کلیوپیٹرا