اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان ايٽمي قوت رکندڙ هڪ ذميدار ملڪ آهي، دنيا کي ايٽمي هٿيارن کان پاڪ بڻائڻ، ايٽمي عدم پکيڙ، ايٽمي سهولتن ۽ اسٽاڪ لاءِ جامع حفاظتي انتظامن جي حم??يت ڪري ٿو تنهن هوندي به نيوڪليئر سپلائر گروپ جي سلسلي ۾ ڪ??هن هڪ ملڪ کي پسنديده قرار ڏئي ٻين سان امتيازي سلوڪ روا نه رکڻ گهرجي، عالمي برادري بشمول ايشيائي پارلياماني اسيمبلي جي ميمبر ملڪن کي جارحيت ۽ ناانصافين جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو ??ون??و. هتي ايشيائي پارلياماني اسيمبلي جي اقتصادي ۽ پائيدار ترقي جي معاملن بابت ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان دنيا ۾ عام طور تي خطي ۽ خاص طور تي امن ۽ خوشحالي جي قيا?? لاءِ پرعزم آهي.
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن