اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته 1951ع کان شروع ٿي??دڙ پاڪستان ۽ چين ??ي سفارتي لاڳاپن جو بنياد برابري، ڀائيچاري، گڏيل احترام ۽ هر شعبي ۾ تعاون تي ٻڌل آهي. هو پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ منعقد ٿي??دڙ ڪلچرل شو کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي پاڪستان ۾ چين ??ي سفير سن وي ڊونگ ۽ ننگشياء جي نائب گورنر وانگ هيشان پڻ خطاب ڪيو جڏهن ته سفارتي لاڳاپن جي 65 هين ??الگرهه جي مناسبت سان منعقد ٿي??دڙ ڪار ??يلي جي شرڪت ڪندڙن ۽ وڏي انگ ۾ حاضرين پڻ موجود هئا. اطلاعات واري وزير چيو ته اڄ جو ڏينهن پاڪستان ۽ چين ??ي لاڳاپن ۾ ناقابل فراموش ۽ منفرد حيثيت رکي ٿو، ڪار ??يلي ۽ چين کان اي??دڙ فنڪارن کي ڀليڪار چوندي هن ننگشياء جي نائب گورنر وانگ هيشان کي ڪار ??يلي منعقد ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته سندس ذاتي طور ??ي هتي موجودگي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿي.
پاڪستان ۽ چين جي سفارتي لاڳاپن جو بنياد برابري تي ٻڌل آهي: پرويز رشيد
مضمون کا ماخذ : raspadinha acumulada