اسلام آباد – 18 مئي (اي پي پي) اطلاعات، ??شريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت پاران سرڪاري شعبي جي تعليمي ادارن ۾ نجي ش??بي جهڙين سهولتن جي فراهمي ۽ معياري تعليم جي فروغ لاءِ متعارف ڪرايل تعليمي سڌارن جا خاطرخواهه نتيجا ملڻ شروع ٿي ويا آهن، مانٽيسور?? ڪلاسز جاري ڪرڻ ۽ سرڪاري ۽ نجي تعليمي شعبي جي حصيداري ان طرف هڪ اهم قدم آهي، پهريون ڀيرو سرڪاري ادارن جي بسن کي جي پي ايس ٽريڪنگ سسٽم سان ڳنڍيو ويندو جنهن سان والدين کي پنهنجي ٻارن بابت معلومات حاصل ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد گرلز ماڊل اسڪول جي سڪس ون فور ۾ پروان نيشنل سينٽر فار اي??سيلينس ارلي چائلڊهڊ ڪيئر اينڊ ايجوڪيشن ۽ وزيراعظم تعليمي سڌارن واري پروگرام جي اهتمام هيٺ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری