اسلام آباد – 27 جنوري (ا?? پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جمهوريه انڊونيشيا جي صدر جوڪو ويدودو جي وزيراعظم هائوس اسلام آباد پهچڻ تي شاندار آجيان ڪئي. وزيراعظم هائوس پهچڻ تي صدر ويدودو کي هٿياربند فوج جي ??ست?? گارڊ آف آرنر پيش ڪيو. ڳالهه ٻولهه کانپوءِ و??يراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ صدر ويدودو جي وچ ۾ وفد جي سطح تي ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏ??ل دلچسپي جي وسيع عالمي ۽ علائقائي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي عوام جي وچ ۾ سياسي، ثقافتي، مذهبي لاڳاپا آهن ۽ جمهوري قدرن جي لاءِ احترام رکن ٿا. اسلامي دنيا جي سڀ کان وڏن ملڪن هوندي ٻئي ملڪ ترقي، خوشحالي، استحڪام، سلام??ي ۽ علائقائي سلامتي تي متحد آهن.
مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش