اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان شروع ڏينهن کان افغانستان جي مسئلي کي سياسي ذريعن سان حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندو آيو آهي، آمريڪي انتظاميا سندس سوچ سان اتفاق ڪندي افغانستان جي مسئلي کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجي سوچ تبديل ڪئي آهي، اس??ن سمجهون ٿا ته پاڪستان جو امن ۽ اس??حڪام افغانستان جي امن سان واڳيل آهي، افغانستان ۾ اهڙا ٺڪاڻا موجود آهن جتان پاڪستان ۾ ڪارروايون ڪيون وڃن ٿيون. قومي اسيمبلي ۾ پاليسي بيان ڏيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان جي 10 جوانن شهادت ماڻي هڪ ڀ??رو ٻيهر ثابت ڪيو ته اهي ملڪ جي تحفظ ل??ءِ پنهنجي رت سان ملڪ جي جاگرافيائي ۽ نظرياتي سرحدن جو تحفظ ڪرڻ ڄاڻين ٿا.
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ