اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) سينيٽر شبلي فراز ??يو آهي ته بدقسمتي سان گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پاڪستان تي اشرافيه ۽ ايليٽ گروپ قابض رهيا جنهن جي ڪري خطي ۾ اسان جو ملڪ پوئتي رهجي ويو، 60 جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان مٿي وڃي رهيو هو پر ان کانپوءِ اهڙيون حڪومتون آيون جنهن ادارن کي ذا??ي مقصدن لاءِ استعمال ڪري م??ڪ کي نقصان پهچايو، قانون جي عملداري ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي جي ضامن هوندي آهي، قانون جي حڪمراني ۽ انصاف کانسواءِ ڪو به ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، پاڪستان ۾ امير ۽ غريب لاءِ ڌار ڌار قانون آهي، وزيراعظم عمران خان جو ڪو به ذا??ي ڪاروبار ناهي، هو م??ڪ کي ان رخ طرف وٺي وڃي رهيو آهي جنهن جو خواب 1940ع ۾ اسان جي ڏاهن ڏٺو هو، 70 س??ل جي بگاڙ کي ٺيڪ ڪري رهيا آهيون، تنهن هوندي به پاڪستان کي ترقي يافته ۽ خوشحال ملڪ بڻائڻ جي مشن ۾ هر هڪ کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، مريم نواز ڪڌا حربا استعمال ڪري احتساب کان نٿي بچي سگهي، ک??س گهرجي ته هو قانون جو احترام ڪري ۽ سوالن جا جواب ڏي. نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن ??يو ته م??ڪ کي ماڻهو نه پر ادارا هلائيندا آهن، ماضي جي حڪمرانن ادارن کي ذا??ي مفادن لاءِ استعمال ڪري کين ڪمزورڪيو ۽ ميرٽ جون ڌڄيون اڏايون، پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي جي اڳواڻن اقتدار ۾ اچي عوام ۽ مڪ جي خدمت بدران ذا??ي مفادن کي ترجيح ڏني جنهن جي ڪري اسان جو ملڪ پوئتي هلي ويو، شبلي فراز ??يو ته جنهن ملڪ جو وزيراعظم ۽ وزير ڪاروبار ڪندا آهن اهو ملڪ ڪيئن ترقي ڪري سگهي ٿو، وزيراعظم عمران خان جو ڪو ذا??ي ڪاروبار نه آهي، ان جي ولوله انگيز قيادت ۾ تحريڪ انصاف حڪومت ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني قائم ڪرڻ ۽ ادارن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ سڌارن جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي، هن ??يو ته اڳوڻين حڪومتن خالي خزاني ۽ م??ڪ کي قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڇڏي ويون هيون، انهن ماڻهن عوام کي صحت، تعليم جي بنيادي ۽ معياري سهولتون فراهم ڪرڻ بدران اهڙا منصوبا لڳايا جنهن مان انهن ڪڪ بيڪس ۽ ڪميشن حاصل ڪيا، موجوده حڪومت اهڙا قدم کڻي رهي آهي جنهن سان هيومن ڊولپمينٽ ٿي سگهي ته جئين هر ڪو م??ڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي،
پاڪستان تي اشرافيه قابض رهي جنهن جي ملڪ پوئتي رهجي ويو: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری