هري پور – 27 – مئي (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان چيو آهي ته ??اڪستان پنج جون تي عالمي ماحوليات جي ڏهاڙي جي ميزباني ڪندو، پاڪستان ان 10 ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي ماحولياتي اثرن جو وڌيڪ شڪار آهن، 10 بلين ٽري سونامي، قومي پارڪ جي قيام جي منصوبن سميت ٻيا قدم ان صورتحال کي منهن ڏيڻ جي سلسلي جي ڪڙي آهن، نئين نسل کي ماحولياتي تبديلين کان پاڪ پاڪستان ڏينداسين. هو وز??را??ظم هري پور ضلعي ۾ 10 بلين سونامي پروگرام جي مناسبت سان ٿيندڙ تق??يب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي وز??را??ظم عمران خان ٻوٽو به لڳايو، موسمياتي تبديلين وارو خصوصي صلاحڪار ملڪ امين اسلم وز??را??ظم کي 10 بلين ٽري سونامي پروگرام جي ڪاميابين جي حوالي سان بريف ڪيو، وز??را??ظم ان موقعي تي گڏيل قومن جي ماحوليات پروگرام جي ”نيچر ڪيپيٽل آف پاڪستان“ رپورٽ تي به بريفنگ ورتي. وز??را??ظم خطاب ڪندي چيو ته ??احوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي تقريبن جي ميزباني پاڪستان جو اعزاز آهي. پاڪستان دنيا جي انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهي جتي ماحولياتي تبديلين ۽ عالمي حدت کي منهن ڏيڻ لاءِ سنجيده ڪوششون ڪري رهيو آهي، اهي قدم ڏيکاءُ نه پر ايندڙ نسلن لاءِ بهتر پاڪستان لاءِ آهي، هن چيو ته ??اڪستان انهن ڏهن ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي ماحولياتي تبديلين جو سڀ کان وڌيڪ شڪار آهن، پاڻي جي دريائن جو دارومدار گليشيئرز تي آهي ۽ عالمي حدت جي سبب سان جنهن تيزي سان اهي پگهرجي رهيا آهن ان سان پاڻي جي صورتحال ۾ تمام گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، اها صورتحال ڀارت سان به آهي، ان جي پاڻي جو دارومدار به گليشيئرز تي آهي، هن چيو ته ان سلسلي ۾ اسان ڪوششون ڪري رهيا آهيون ته جيئن ايندڙ نسلن لاءِ بهتر پاڪستان ڇڏي وڃون.
پاڪستان پنج جون تي عالمي ماحوليات جي ڏهاڙي جي ميزباني ڪندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک