اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته 90 لک ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏ??ڻ لاءِ سڌارن جو عمل وقت سر مڪمل ڪرڻ جي ضرورت آهي، سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏ??ڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻي سگهجي ٿو. صدر عارف علوي جي صدارت ۾ اي ووٽنگ ۾ اڀرندڙ ٽيڪنالاجي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ريلوي وارو وفاقي وزير اعظم خان سواتي، ناد??ا چيئرمين محمد طارق ملڪ ۽ آءِ ٽي سيڪريٽري محمد سهيل راجپوت شرڪت ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي اجلاس جي دوران چيو ته 90 لک سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏ??ڻ لاءِ سڌارن جو عمل وقت سر مڪمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏ??ڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻي سگهجي ٿو. ناد??ا چيئرمين اجلاس کي اي ووٽنگ ۾ هن وقت تائين ٿيندڙ اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته اي ووٽنگ تي اليڪشن ڪميشن ۽ نادرا گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، نادرا اليڪشن ڪميشن جي صلاحيت ۾ اضافي لاءِ مدد فراهم ڪندو، اجلاس ۾ نادرا کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو جڏهن ته اي ووٽنگ تي نادرا جي ڪوششن کي به ساراهيو ويو.
سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻي سگهجي ٿو: صدر
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا