اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ??اڪ??تان عراق سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻئي ملڪ گڏيل مذهب، ثقافت ۽ گڏيل امنگون رکندڙ آهن، ??اڪ??ت??ن ۽ عراق کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ واپار ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن اها ڳالهه ??اڪ??تان جي دوري تي آيل عراق جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر فواد حسين سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته ??اڪ??تان عراق جي خودمختياري، سياسي اتحاد ۽ علائقائي سلامتي جي ڀرپور حمايت ڪئي آهي. هن ٻڌايو ته ??اڪ??تان عراق جي نئين سر تعمير ۾ هنرمند ۽ تربيت يافته ورڪ فورس سان گڏوگڏ ڊاڪٽرن ۽ انجنيئرن جي فراهمي ۾ پڻ مدد ڪري سگهي ٿو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ??اڪ??ت??ن ۽ عراق جي وچ ۾ دفاع جي شعبي ۾ تعاون کي گڏيل فائدي جي لاءِ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن عراقي پرڏيهي وزير کي چيو ته هو پ??ڪستاني زائرين کي ويزا ڏيڻ ۽ عراق ۾ مقدس جاين جي دوري دوران سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪري. صدر عراقي پرڏيهي وزير کي اهو به ٻڌايو ته ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مسلمانن کي ڀارت پاران بدترين ڏاڍ ۽ دهشتگردي جو نشانو بڻايو پيو وڃي. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها ڀارت تي دٻاءُ وجهي ته اها ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي روڪي ۽ ڪشميرين کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري جو حق ڏياري. ان موقعي تي عراقي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر فواد حسين چيو ته عراق ??اڪ??تان کي هڪ اهم ملڪ سمجهي ٿو ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار، ثقافت ۽ دفاع ۾ ??اڪ??تان سان تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. هن صدر کي آگاهه ڪيو ته هن اسلام آباد ۾ عراقي سفارتخاني کي هدايت ڪئي آهي ته هو زائرين کي ويزا ?? سفر ۾ سهولت فراهم ڪري. هن عراقي سفارتڪارن کي تربيت ڏيڻ تي ??اڪ??تان حڪومت جا ٿورا پڻ مڃيا ۽ عراقي قيادت پاران ??اڪ??تان جي عوام ۽ قيادت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
پاڪستان عراق سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو: صدر
مضمون کا ماخذ : apostas quina