اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سرڪاري زمين آجي ڪرائڻ ۽ احتساب جي عمل کي تيز ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته انصاف جو عمل تيز ۽ شفاف هجڻ گهرجي، قبضا ختم ڪرائيندي وقت غريب ماڻهو کي متبادل ضرور فراهم ڪيو وڃي، آزاد ڪش??ير ۾ سرڪاري زمين کي آجي ڪرائي ان تي ٻيلا پوکيا وڃن، سياحت جي فروغ لاء?? سهولتن سان گڏوگڏ ٻيلا اهم اهميت رکندڙ آهن. وزيراعظم جي صدارت ۾ ڪش??ير ڊولپمينٽ پيڪيج تي اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ڪش??ير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي و??ير علي امين گنڊاپور، ناڻي و??ري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، آزاد ڪش??ير جي و??يراعظم سردار عبدالقيوم نيازي، آزاد ڪش??ير جي ناڻي و??ري و??ير عبدالماجد خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ڪش??ير ترقياتي پيڪيج ۾ تجويز ڪيل منصوبن ۽ انهن جي لاڳت تي تفصيلي بريفنگ ڏني و??ي. ان کانسواءِ ڪش??ير ۾ جاري ترقياتي منصوبن ۽ حڪومت پاران انتظامي ??عاملن جي حوالي سان سڌارن تي به آگاهه ڪيو ويو. ترقياتي پيڪيج ۾ اهم شاهراهن، پُلين ۽ سرنگهن جي تع??ير شامل آهي، بريفنگ ۾ ٻڌايوو ويو ته انفرااسٽرڪچر جي بهتري سان سياحت کي فروغ ملڻ سان گڏوگڏ آمدرفت ۾ آساني پيدا ٿيندي، پيڪيج ۾ شهري انتظامي ??عاملن جي حوالي سان به منصوبا شامل آهن، شهرن ۾ موجود گندڪچري کي ٺڪاڻي تي لڳائڻ لاءِ حڪومت هنگامي بنيادن تي قدم کنيا، ان شروعاتي مهينن ۾ نه رڳو قبضن جي خلاف وڏو آپريشن ڪيو پر 1200 ٽن گندڪچري کي ٺڪاڻي تي لڳايو ويو، توانائي جي شعبي سان گڏوگڏ پيڪيج ۾ سياحت کي خصوصي اهميت ڏني و??ي آهي، سياحتي ماڳن جي نشاندهي ڪري انهن کي شاهراهن سان جوڙيو ويندو. سياحتي ماڳن ۾ سڪي ريسارٽ بڻائڻ لاءِ به جڳهه جي نشاندهي ٿي چڪي آهي، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پيڪيج ۾ بنيادي صحت جي سهولتن جي بهتري ۽ تعليم جي شعبي لاءِ به هڪ وڏي رقم رکي و??ي آهي، اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ بنيادي سهولتن جي فراههمي به پيڪيج جو حصو هوندي.پيڪيج ۾ صنعتي ترقي ۽ ماحوليات جي درستگي لاءِ به وڏا منصوبا شامل آهن، ان کانسواءِ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وفاقي حڪومت جي سماجي تحفظ جي منصوبن، صحت ڪارڊ، نوجوانن لاءِ روزگار، هارين جي مدد ۽ گهٽ لاڳت رهائش حاصل ڪرڻ جي دائري ڪارکي و??يع ڪري ڪش??ير کي ان ۾ شامل ڪيو ويندو. وزيراعظم سرڪاري زمين آجي ڪرائڻ ۽ احتساب جي عمل کي تيز ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ته انصاف جو عمل تيز ۽ شفاف هجڻ گهرجي. قبضا هٽائيندي وقت غريب ماڻهو کي متبادل ضرور فراهم ڪيو وڃي، اسلام آباد جي ماڊل تي به ريڙهي و??رن جي نشاندهي ڪيل علائقن ۾ سهولتون فراهم ڪيون وڃن. وزيراعظم چيو ته سرڪاري زمين کي آجي ڪرائي ان تي ٻيلا پوکيا وڃن، سياحت جي فروغ لاء?? سهولتن سان گڏوگڏ ٻيلا اهم اهميت رکندڙ آهن.
وزيراعظم پاران سرڪاري زمين آجي ڪرائڻ ۽ احتساب جي عمل کي تيز ڪرڻ تي زور
مضمون کا ماخذ : raspadinha acumulada