اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پورهيتن ۽ مستحق ماڻهن جي لاءِ قائم پناهگاهن ۾ معياري خوراڪ ۽ خدمتون ف??اه?? ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏيندي لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته پناهگاهن ۾ احساس سروسز ف??اه?? ڪيون وڃن، معاشري ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل بڻائڻ جي لاءِ ان پناهگاهن جي رهواسين کي هنرمندي جي تربيت به ف??اه?? ڪئي ويندي. وزيراعظم عمران خان گهڻ ماڙ پناهگاهن جي منصوبن جي نقاب ڪشائي جي موقعي تي خطاب ڪندي لاڳاپيل کاتن جي اجتماعي ڪوششن کي سا??اه??ندي اهڙي طرح جي ماڊل ٺاهڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ??زيراعظم احساس ٽيم سي ڊي اي، اين سي اي ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن جي گڏيل ڪوششن کي سا??اه??ندي نئين ماڊل پناهگاهن ج?? قيام تي تيزي سان عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي، وزيراعظم ??اڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته پناهگاهن ۾ احساس سروسز ف??اه?? ڪيون وڃن، ان کان اڳ وزيراعظم جي خاص مددگار سينيٽر ڊاڪٽر ??ان??ه نشتر وزيراعظم کي پناهگاهن جي نئين اسٽريٽجڪ پلان سميت تعميرات، فرنشنگ، گورننس، ڊجيٽل مانيٽرنگ، صلاحيت ۽ فنانسنگ بابت بريفنگ ڏني. ڊاڪٽر ??ان??ه نشتر ٻڌايو ته پورهيتن جي لاءِ بسترن، ناشتي ۽ کاڌي جي سهولتن کانسواءِ انهن پناهگاهن ۾ احساس ون ونڊو مرڪز به هوندا ته جيئن پورهيت ۽ ڪمزور طبقي کي حڪومت جي سماجي ڀل??ئي جي پروگرامن مان مستفيد ٿيڻ جي قابل بڻائي سگهجي، ڊاڪٽر ??ان??ه نشتر چيو ته سي ڊي اي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ ان مقصد جي لاءِ غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ ڊويزن کي رعايتي اگهن تي زمين ڏني آهي. ان جي تعاون سان پناهگاهن جو نئون ماڊل ڊزائين ڪيو ويو آهي، ان وقعي تي پنڊال ۾ ان ماڊل پناهگاهن ۾ استعمال ٿيندڙ فرنيچر ۽ لڳايل سامان جا نمونا به رکيا ويا، ان کان اڳ وزيراعظم ??ناهگاهن جي نئين ماڊل جي تختي جي نقاب ڪشائي ڪئي، ماڊل پناهگاه ۽ فرنيچر جي ڍانچي کي نئين سر ڊزائين ڪرڻ لاءِ احساس نيشنل ڪاليج آف آرٽس لاهور سان حصيداري ڪئي آهي، پناهگاهن جي نئين ڊزائين ۾ وڏو ڪچن، ڪولڊ اسٽوريج، استقباليه لابي، انتظار گاهه ۽ ضرورتمندن کي خوراڪ ۽ رهائش ف??اه?? ڪرڻ جي بهتر صلاحيت هوندي، پناهگاهن مان فائدو وٺندڙن کي بهترين رهائش ۽ معياري کاڌو ف??اه?? ڪرڻ جي لاءِ احساس ۽ سرينه هوٽل پهرين به تعاون ڪري رهيا آهن، پهرين مرحلي ۾ اسلام آباد جي سمورين پناهگاهن جي عملي ۽ رهواسين جي مهمانوازي، خوراڪ جي تحفظ، ماحوليات ۽ هائوس ڪيپنگ جي باري ۾ تربيت ڏني پئي وڃي جڏهن ته سهولتن جي باقاعده نگراني ڪئي پئي وڃي، احساس هن وقت تائين ملڪ جي مختلف علائقن ۾ 27 پناهگاهون کوليون آهن جنهن مان سنڌ ۾ 5، خيبرپختونخاو ۾ 8، بلوچستان ۾ 7، اسلام آباد ۾ 5 ۽ گلگت بلتستان ۽ پنجاب ۾ هڪ هڪ پناهگاهه شامل آهي، احساس پروگرام تحت پناهگاهون کاڌو، ضروري شين، صحت، ڪپڙا ڌوئڻ ۽ حفاظتي معيارن سان رهائش ۽ ناشتي جون سهولتون مهيا ڪري رهيون آهن، هر پناهگاهه ۾ تقريبن 500 ماڻهن کي مفت کاڌو ف??اه?? ڪيو پيو وڃي ۽ رات جو 100 بسترن جي سهولت ف??اه?? ڪئي پئي وڃي، واضح رهي ته 4 نيون پناهگاهون ترلائي، ترنول، جي نائن ۽ منڊي موڙ جي علائقن ۾ قائم ڪيون وينديون.
پناهگاهن ۾ احساس سروسز فراهم ڪيون وڃن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز