اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڏکڻ پنجاب صوبو رڳو تنقيد نه، آئيني ترميم سان ٺهندو، ڇا بلاول ان آئيني ترميم جي لاءِ اسان سان تعاون لاءِ تيار آهي. ڏکڻ پنجاب جي حوالي سان پنهنجي بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته بلاول ڀٽو ناسمجهه ۽ ان جا استاد نالائق آهن، هن چيو ته بلاول ڀٽو کي لکيل پرچيون ڏنيون وينديون آهن، بلاول ڀٽو کي هن وقت تائين ادراڪ ناهي ته هو ڇا ڪري رهيو آهي ۽ حقيقت ڇا آهي، جيئن جيئن وقت گذرندو بلاول سمجهي ويندو ته صرف تنقيد سان ڏکڻ پنجاب صوبو نه ٺهندو، ڏکڻ پنجاب صوبو آئيني ترميم سان ٺهندو، منهنجو سوال آهي ته ڇا بلاول آئيني ترميم لاءِ اسان سان گڏ تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته جيڪڏهن ڏکڻ پنجاب صوبي کي عملي جامو پارائڻ چاهيو ٿا ته اچو گڏجي آئيني ترميم ڪيون، هن چيو ته آئون بل پيش ڪري رهيو آهيان جيڪڏهن توهان جي نيت صاف آهي ته پنهنجو ووٽ ڏيو ۽ ڏکڻ پنجاب کي حق ڏيا??يو?? شاهه محمود قريشي چيو ته مون 19 جنوري تي خط لکيو توهان جواب ڏيڻ جي زحمت نه ڪئي، مون بلاول ڀٽو ۽ شهباز ??ريف کي اڄ ٻيهر خط لکيو آهي، هن چيو ته يو اين ڊي پي جي جيڪا رپورٽ آئي آهي ان منهنجي موقف جي تص??يق ڪئي آهي. ڏکڻ پنجاب سڀني کان پوئتي پيل ريجن آهي، مون شهباز ??ريف کي به يو اين ڊي پي جا سڀئي انگ اکر موڪليا آهن، منهنجي شهباز ??ريف کي درخواست آهي ته ڏکڻ پنجاب جي معاملي تي سنجيدگي سان غور ڪري، ڏکڻ پنجاب جي حقيق??ن کي سامهون رکندي اڳتي وڌڻو پوندو جيڪڏهن بلاول ۽ شهباز ??ريف پنهنجي سياسي مفاد کي به سامهون رکن ته انهن کي ڏکڻ پنجاب جي جوڙجڪ ۽ جاچ ۾ رڪ??وٽ نه بڻجڻ گهرجي.
ڏکڻ پنجاب صوبو رڳو تنقيد نه، آئيني ترميم سان ٺهندو، ڇا بلاول ان آئيني ترميم جي لاءِ اسان سان تعاون لاءِ تيار آهي: پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار