اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته قومي ترقي جي رفتار وڌا??ڻ لاءِ مصنوعي ذهانت، ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ، ڊيٽا اينالسز، سائبر سيڪيورٽي ۽ خلائي ٽيڪنالاجي جهڙين اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي ميدان ۾ فڪري صلاحيتن کي وڌا??ڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ سينئر آفيسر ليڊر شپ ڪورس جي شريڪ ٿيندڙن سان ڳاله??ئي??دي ڪيو. شريڪ ٿيندڙن کي خطاب ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته تدريسي ۽ اعليٰ تعليمي ادارن کي انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ هنرمند پيشيور ماڻهن جي مارڪيٽ جي ضرورتن کي موثر طريقي سان پورو ڪرڻ لاءِ هڪ فعال انداز اختيار ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته خطي جي ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ پاڪستان ۾ يونيورسٽين ۾ داخلا جي شرح گهٽ آهي جيئن آن لائن ۽ هائيبرڊ تعليم جي طريقن کي اختيار ڪري وڌڻ جي ضرورت آهي. صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ نمايان تبديليون ٿي رهيون آهن ۽ پاڪستان ??ي چوٿين صنعتي انقلاب جي ثمرن سان پوري طرح فائدو وٺڻ لاءِ پنهنجي فيصلا سازي جي رفتار کي وڌائڻ جي ضرورت آهي، هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته نوجوانن کي مارڪيٽ جي ضرورت موجب مهارتن سان ليس ڪرڻ گهرجي ۽ ”ڊيجي اسڪلز“ جهڙي آن ل??ئي?? تربيت جي پروگرامن کي وڌائڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته جديد ترين آءِ ٽي اسڪلز اسان جي نوجوانن کي پنهنجون خدمتون آن ل??ئي?? پيش ڪري پنهنجي لاءِ ڪمائڻ ۽ قومي معيشت ۾ پنهنجو حصو وجهڻ جي قابل بڻ??ئي??دا. هن چيو ته پاڪستان کي ترقي جي تيز رفتار راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ جديد انداز اختيار ڪرڻ گهرجن، ۽ پنهنجي انساني وسيلن خاص طور تي نوجوان آباد جي فڪري ترقي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي. ملڪ ۾ توانائي جي مسئلن جي باري ۾ ڳاله??ئي??دي صدر ملڪ ۾ توانائي جي مستحڪم ۽ پائيد??ر فراهمي کي برقرار رکڻ لاءِ توانائي جي قابل تجديد ۽ غير قابل تجديد ذريعن کي استعمال ۾ آڻڻ تي زور ڏنو. هن جعلي خبرن ۽ غلط معلومات جي پکيڙ کان بچڻ لاءِ نوجوانن ۾ اخلاقي قدرن ۽ تنقيدي سوچ جون مهارتون پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو.
قومي ترقي جي رفتار وڌائڻ لاءِ مصنوعي ذهانت ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي ميدان ۾ فڪري صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش