رشڪئي – 15 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته خصوصي اقتص??دي زونز جو خاص طور ننڍن صوبن ۾ قيام خوش آئنده آهي، خصوصي اقتص??دي زونز کي وقت سر مڪمل ڪيو وڃي، انهن کي سيڙپڪاري جي حوالي سان رول ماڊل ٺاهيو ويندو، اين??ڙ دور پاڪستان لاءِ خوشحالي کڻي ايندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن رشڪئي ۾ خصوصي اقتص??دي زونز جي دوري دوران اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير احسن اقبال، اسعد محمود کانسواءِ چيني ڪمپنين جا نمائندا به موجود هئا، وزيراعظم چيو ته اهو ان جو وزيراعظم طور ڪنهن به خصوصي اقتص??دي زون جو پهريون دورو آهي، هن بلوچستان ۽ خيبرپختونوا سميت آب??دي جي لحاظ کان ننڍن صوبن ۾ خصوصي اقتص??دي زونز جي قيام کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته ان زونز جي قيام سان صنعتي سيڙپڪاري، روزگار جي فراهمي، پيداوار جي ترقي ۽ اوڳاڙين ۾ اضافو ممڪن ٿيندو، وزيراعظم چيو ته انهن صوبن جي ڪري ايندڙ وقت اسان لاءِ خوشحالي کڻي ايندو. هن چيو ته بيجنگ جوائنٽ ڪميشن جي اجلاس ۾ 9 خصوصي اقتص??دي زونز جي منظوري ڏني وئي، پر بعد ۾ حالتون بدلجي ويون، هن چيو ته چين ۾ ليبر مهانگو ۽ پاڪستان ۾ سستي آهي، هتي هنرمند ۽ نيم هنرمند افر??دي ??وت دستياب آهي، پاڪستان چيني ٽيڪنالاجي ۽ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪندو آهي، چيني ڪمپنين مختلف منصوبن تي بهترين ڪم ڪيو آهي، اسان جو عزم آهي ته سي پيڪ تحت خصوصي اقتص??دي زونز جي تعمير مقرر وقت تي ڪئي وڃي، هن چين جي دوستي کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ چين ماضي ۾ هڪٻئي جو ساٿ نڀايو آهي، وزيراعظم چيو ته ان کي هتي اچي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي، خصوصي اقتص??دي زونز کي سيڙپڪاري جي حوالي سان رول ماڊل ٺاهيو ويندو ۽ جيڪڏهن ڪا رڪاوٽ ۽ مسئلا آهن ته انهن کي گڏجي ختم ڪيو ويندو. هن پاڪستان ۽ چين جي ڪمپنين جي وچ ۾ حصيداري تي زور ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جون ڪمپنيون هڪٻئي مان فائدو ح??صل ڪري سگهن ٿيون.
خصوصي اقتصادي زونز جو خاص طور ننڍن صوبن ۾ قيام خوش آئنده آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار