اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم شهباز شريف هرنائي بلوچستان ۾ هيليڪاپٽر حادثي ۾ آفيسرن ۽ جوانن ??ي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم هرنائي بلوچستان ۾ هيليڪاپٽر حادثي ۾ 6 آفيسرن ۽ جوانن ??ي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيرا??ظم شهيد ميجر خرم شهزاد، ميجر منيب افضل، صوبيدار عبدالواحد، سپاهي محمد عمران خان، نائب جليل ۽ سپاهي شعيب جي گهروارن سان تعزيت ڪئي. وزيرا??ظم چيو ته ملڪ جي تحفظ، سلامتي ۽ دفاع جي لاءِ پاڪستاني فوج بي مثال قربانيون ڏنيون آهن. قوم کي پنهنجي شهيدن تي فخر آهي، اهي قربانيون ناقابل فراموش آهن. وزيرا??ظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ڪري ۽ گهروارن کي صب?? ۽ ??ميل عطا فرمائي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ