گڏيل قومون- 11 آڪٽوبر (اي پي پي) گرميءَ جي شديد لهرن سبب آفريقا جي سامونڊي خطي، ڏکڻ ايشيا ۽ خاص طور تي ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ ڪجهه علائق?? جو عملي طور تي غير آباد هئڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي، جڏهن ته شديد موسم غريب ملڪن کي تباهيءَ طرف ڌڪي سگهي ٿي. اها ڳالهه ريڊ ڪراس ۽ گڏيل قوم?? جي انساني معاملن بابت آفيس (او سي ايڇ اي) طرفان گڏيل طور تي شايع ڪيل دستاويز ۾ ٻُڌائي وئي آهي. دستاويز مطابق وڌندڙ گرمي پد سڄي دنيا ۾ انساني تباهيءَ کي جنم ڏئي رهي آهي، موسمياتي تبديلين ??ان پيدا ٿيندڙ شديد گرميءَ جون لهرون ايندڙ ڏهاڪ?? ۾ ??نيا جي ڪجهه علائقن کي عملي طور تي ناقابل رهائش بڻائي سگهن ٿيون. سڄي دنيا ۾ شديد گرميءَ جون لهرون خطرناڪ شرح سان وڌي رهيون آهن، ا?? جي اثرن ۾ وڏي پيماني تي آفتون، قيمتي جاني?? جو نقصان، آباديءَ جي لڏپلاڻ ۽ عدم مساوات ۾ اضافو شامل آهي. ان حوالي سان وڌيڪ آباديءَ وارا شهر سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ علائق?? ۾ ??امل آهن، گڏيل قومن 2050ع جي ڏهاڪي تائين ??ديد گرميءَ جي حالت?? ۾ ??هندڙ شهري غريب ماڻه?? جي انگ ۾ 700 سيڪڙو اضافي جو ڪاٿو لڳايو آهي. دستاويز مطابق سخت گرميءَ سان مستقبل ۾ ٿيندڙ فوتگين ??ي شرح حيران ڪندڙ حد تائين وڌي سگهي ٿي جيڪا صديءَ جي آخر تائين ڪينسر يا ڪيترن ئي ٻين ??يمارين سان ٿيندڙ مجموعي فوتگين کان به وڌيڪ ٿي سگهي ٿي. اٽڪل گرمي پد ۾ اضافي ۽ وري وري گرمي جي لهرن سان زراعت ۽ چوپائي مال جي نظام کي نقصان، قدرتي وسيل?? جي تباهي، بنيادي ڍانچي کي نقصان ۽ لڏپلاڻ ۾ اضافي جو به انديشو آهي، ان سان گڏوگڏ شديد گرم موسم سبب سڄي دنيا ۾ 2030ع تائين معاشي نقصان 24 کرب ڊالرن کان وڌي سگهي ٿو. گڏيل قوم?? جي انگن اکرن مطابق شديد گرميءَ جون لهرون 2003ع ۾ يورپ ۾ 70 هزار کان وڌيڪ فوتگين ۽ 2010ع ۾ روس ۾ 55 هزار کان وڌيڪ فوتگي?? جو سبب بڻجي چڪيون آهن. دستاويز مطابق ان حوالي سان بدترين نتيجن کان بچڻ لاءِ جنگي بنيادن تي قدم?? جي ضرورت آهي، ج?? جو مقصد ماحولياتي تبديلين ??ي رفتار سست ڪرڻ ۽ ان کي روڪڻ، شديد گرميءَ جي لهر بابت وقت سر ڄاڻ فراهم ڪرڻ ۽ گرمي کي گهٽ ڪندڙ رهائشي منصوب?? ۾ ??يڙپڪاري سرفهرست هجڻ گهرجي.
گرميءَ جي شديد لهرن سبب ڪجهه علائقن جو عملي طور تي غير آباد هئڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي: گڏيل قومن جي ادارن جي رپورٽ
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت