لاهور – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪ??ر عارف علوي ۽ پنجاب جي ??ڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي صدارت ۾ وزيراعليٰ آفيس ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ خصوصي ماڻهن جي ??اءِ سهولتن جي ??راهمي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ پنجاب ۾ خصوصي ماڻهن جي رجسٽريشن جي ??اءِ نادرا سان حصيداري جو فيصلو ڪيو ويو. صدر ڊاڪ??ر عارف علوي چيو ته اکين کان محروم ?? ٻين معذوري وارن ماڻهن جي صحيح ڊيٽا جمع ڪرڻ ضروري آهي، صحيح ڊيٽا هوندي ته خصوصي ماڻهن جي ڀلائي جي ڪمن کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهبو. صدر ڊاڪ??ر عارف علوي عام اسڪولن ۾ به خصوصي ماڻهن جي تربيت جي حوالي سان جدا ٽيچرز مقرر ڪرڻ جي ??دايت ڪندي چيو ته خصوصي ٻ??ر خصوصي صلاحيتون رکندڙ هوندا آهن ۽ تربيت سان انهن جون صلاحيتون نکري سگهن ٿيون. هن چيو ته بازارن ۽ مارڪيٽنگ ۾ ريمپس ٺاهي خصوصي ماڻهن جي ??اءِ سهولت فراهم ڪري سگهجي ??ي. نوڪرين ۾ 5 سيڪڙو ڪوٽا تي عملدرآمد سان خصوصي ماڻهن کي تمام گهڻو ريليف ملندو. خصوصي ماڻهن ڪيترن ئي ميدانن ۾ پنهنجي صلاحيتن ذريعي نمايان مقام حاصل ڪيو آهي. ڊاڪ??ر عارف عليو چيو ته وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي ??يادت ۾ پنجاب حڪ??مت جي خصوصي ماڻهن جي ??اءِ موثر قدم ساراهه جوڳا آهن. چوڌري پرويز الاهي چيو ته 2003ع ۾ مون خصوصي ماڻهن جي ??اءِ جدا کاتو ٺاهيو آهي. پنجاب ۾ خصوصي ماڻهن جي ??اءِ 170 ادارا قائم ڪيا ۽ خصوصي ٻارن جي ??اءِ فري ٽرانسپورٽ مهيا ڪئي. پنجاب حڪ??مت خصوصي ماڻهن جي ??اءِ نوڪرين ۾ 5 سيڪڙو ڪوٽا مقرر ڪئي آهي، پنجاب جي سمورن ادارن ۾ اکين کان محروم ?? ٻين معذوري وارن ملازمن جي ??اءِ ڪنوينس الائونس وڌايو آهي. پنجاب حڪ??مت نئين بسلن ۾ به خصوصي ماڻهن جي ??اءِ جدا سيٽون مخصوص ڪري رهي آهي. ان موقعي تي سوشل ويلفيئر سيڪريٽري صدر ڊاڪ??ر عارف علوي کي خصوصي ماڻهن جي بحالي، تربيت، رجسٽريشن ۽ سهولتن جي ??راهمي جي حوالي سان بريفنگ ڏني. سوشل ويلفيئر واري صوبائي وزير غضنفر عباس ڇينا، اڳوڻي وفاقي وزير مونس الاهي، ايم اين اي حسين الاهي، چيف سيڪريٽري عبيدالله سنبل، وڏي وزير جي ??رنسپل سيڪريٽري علي محمد خان ڀٽي، سيڪريٽري سوشل ويلفيئر، سيڪريٽري اسپيشلائيزڊ هيلٿ ڪيئر اينڊ ميڊيڪل ايجوڪيشن ۽ لاڳاپيل عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
صدر ۽ پنجاب جي وڏي وزير جي صدارت ۾ وزيراعليٰ آفيس ۾ اعليٰ سطحي اجلاس
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب