ڪراچي – 14 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ اڱاري ڏينهن هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پاڪستان نيوي جي اهتمام هيٺ جاري عالمي گڏيل س??مونڊي مشقن جو معائنو ڪندو، جنهن ۾ 50 کان وڌيڪ ملڪن جي سامونڊي فوجن جا دستا شريڪ ??ي رهيا آهن. هر ٻن سالن کانپوءِ ٿيندڙ انهن مشقن جو بنيادي مقصد سامونڊي ڌا??يلن، دهشتگردن، منشيات ۽ هٿيار اسمگلرن جي خلاف موثر گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ ??هي. وزيراعظم کي ان سلسلي ۾ بريفنگ ڏ??ي ويندي. ان موقعي تي وزيراعظم سامونڊي ڌا??يلن جي خلاف گڏيل ڪارروائي جو مظاهرو ڏسڻ کانسواءِ ٻين سامونڊي مشقن ۽ پيشيواراڻي مهارتن جو مشاهدو به ڪندو.
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک