ملتان – 24 – فيبروري (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته معاشري مان عورتن جي خلاف تشدد جي خاتمي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻيون پو??ديون، پاڪستان ۾ اسلامي تعليم موجب عورتن کي ان جي جائيداد جي حقن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي، سڄي ملڪ ۾ عورتن کي انهن جي جائيداد جا حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل ادارن ۽ عورتن تي ??شدد جي خاتمي بابت مرڪزن بابت وڌ کان وڌ آگاهي فراهم ڪئي وڃي ته جيئن تشدد يا زيادتي ??و نشانو بڻجندڙ عورتن کي مشڪلاتن مان نه گذرڻو پو??. اهڙن خيالن جو اظهار هن سوشل ويلفيئر ڪمپليڪس ملتان ۾ عورتن تي ??شدد جي خاتمي واري مرڪز جي دوري دوران ڪيو. عملدارن کيس مرڪز ۾ ڏيندڙ سهولتن ۽ مختلف شعبن جي ڪمن بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي خاتون اول چيو ته ڪنهن به معاشري جي ترقي لاءِ عورتن جي ڪردار کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. اسلام مرد ۽ عورت جي حقن ۽ فرضن جو تعين ڪري ڇڏيو آهي. هڪ مثالي اسلامي معاشري ۾ جيڪي عورتن کي حق حاصل هوندا آهن اهي ڪنهن ٻئي معاشري ۾ حاصل نه آهن، پاڪستان ۾ عورتن کي زندگي جي سمورن شعبن ۾ اڳتي وڌڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي پر انهن ڪوششن کي وڌيڪ تيز ۽ موثر بڻائڻو پو??دو. بيگم ثمينه علوي چيو ته پاڪستان ۾ عورتن جي حقن جا قانون موجود آهن پر انهن تي مڪمل طور تي ??ملدرآمد جي ضرورت آهي. ملتان ۾ قائم عورتن تي ??شدد جي خاتمي واري مرڪز جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته هي مرڪز ون ونڊو آپريشن جون خدمتون فراهم ڪري ٿو ۽ هتي ??شدد يا زيادتي ??و نشانو بڻجندڙ عورتن کي تحفظ ڏنو وڃي ٿو. هن چيو ته عورتن تي ??شدد جي خاتمي واري مرڪز ملتان جي ڪم کي ساراهيندي مرڪز بابت وڌ کان وڌ آگاهي فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي ??ور ڏنو. ثمينه عارف علوي چيو ته ان حوالي سان اسڪولن، مارڪيٽن، اسپتالن، ريلوي اسٽيشنز، ايئرپورٽس، پو??يس ٿاڻن ۽ عدالتن سميت ٻين اهم جاين تي ??گاهي پمفليٽ لڳايا وڃن. عورتن تي ??شدد جي خاتمي وارو مرڪز ون ونڊو آپريشن جي حيثيت رکي ٿو، جتي ??ورتن کي تحفظ ڏنو وڃي ٿو. تشدد جي خاتمي واري مرڪز جو مقصد تشدد يا زيادتي ??و نشانو بڻجندڙ عورتن کي مشڪلاتن کان بچائڻ ۽ انهن کي تحفظ فراهم ڪرڻ آهي. متاثر عورتون ٽو?? فري نمبر 1043 تي ??ابطو ڪري عورتن تي ??شدد جي خاتمي واري مرڪز کي پنهنجي شڪايتن کان آگاهه ڪري سگهن ٿيون، جنهن کانپوءِ مرڪز پاران انهن کي هر قسم جي مدد فراهم ڪئي ويندي آهي. متاثر عورتن جي گهر وڃي مدد فراهم ڪئي وڃي ٿي، جيڪڏهن متاثر عورت کي سينٽر تي ??ڻڻ جي ضرورت محسوس ٿيندي آهي ته انهن کي اتي ??ندو ويندو آهي جتي ??ورت پو??يس اهلڪار انهن جون ايف آءِ آر داخل ڪنديون آ??ن. عورتن کي مدد ۽ مشورا فراهم ڪيا ويندا آهن ۽ جيڪڏهن تشدد ٿيو هجي ته طبي سهولتون به ڏنيون وڃن ٿيون. ان کانسواءِ مرڪز ۾ شيلٽر هوم ۽ پراسيڪيوشن جي سهولت به موجود آهي.
معاشري مان عورتن جي خلاف تشدد جي خاتمي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻيون پونديون: بيگم ثمينه عارف علوي
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج