ڪويت سٽي-22 آڪٽوبر (اي پي پي) ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته ايران جي پاڙيسري ملڪن عهد ڪيو آهي ته هو ڪنهن حملي لاءِ پنهنجي سرزمين يا فضائي حدون استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي پهرين آڪٽو??ر ??ي اسرائيل تي ??يران جي ميزائل حملي جي ڪجهه هفتن کانپوءِ ڪويت ۾ هڪ پ??يس ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته اسان جي سمورن پاڙيسري ملڪن اسان کي يقين ڏياريو آهي ته هو پنهنجي سرزمين يا فضائي حدن کي ايران خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا. هن چيو ته اسان خطي ۾ آمريڪي اڏن جي چرپر تي گهري نظر رکي آهي ۽ انهن جي سموري چرپر ۽ اڏامن بابت ڄاڻون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اسرائيل ڪنهن به شڪل ۾ ايران تي ??ملو ڪري ٿو ته ايران ان جو جواب ڏيندو. هن چيو ته ايٽمي هنڌن تي ??ملو ڪرڻ عالمي ڏوهه آهي، ايتري قدر تي ??يٽمي هنڌن تي ??ملي جي ڌمڪي ڏيڻ به هڪ ڏوهه ۽ عالم?? حقن جي خلاف ورزي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پنهنجي ۽ پنهنجي ايٽمي هنڌن جي دفاع لاءِ اسان وٽ پنهنجا اوزار ۽ طريقا آهن ۽ اسان انهن تي ڀروسو ڪيون ٿا.
پاڙيسري ملڪ پنهنجي سرزمين يا فضائي حدن کي ايران خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا: ايراني پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل