اسلام آباد – 04 جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نش??يا?? ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم ا??رنگزيب چيو آهي ته عمران خان اڄ عدالت ۾ اهو تسليم ڪيو آهي ته سندس ڪم ا??زام هڻڻ آهي ۽ ثبوت ان وٽ موجود نه آهن، عمران خان الزام هڻي ملڪي ترقي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، ڌرڻو هنيو، گادي واري شهر کي لاڪ ڊائون ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون ۽ ٽيون ڀيرو چونڊيل وزيراعظم جي ساک کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ چيو ته مني لانڊرنگ ٿي، پاڪستان جي عوام جو پئسو ڦريو ويو ۽ ٽيڪس چوري ٿيو پر عدالت ۾ تسليم ڪيو ته سندس ڪم ا??زام هڻڻ آهي، ثبوت ڏيڻ نه آهي، عمران خان کي پنهنجي بيان تي شرمنده ٿيڻ گهرجي، هن قوم سان ڪوڙ ڳالهايو آهي ته هن وٽ ثبوت آهن، تحريڪ انصاف پاران چونڊيل وزيراعظم تي بي بنياد الزام ا??سوسناڪ آهن، ملڪي ترقي جي سفر ۾ رڪاوٽون وجهندڙ اڳ ۾ به ناڪام ٿيا هئا ۽ مستقبل ۾ به انهن کي ناڪامي کي منهن ڏيڻو پوندو. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان جي ترقي روڪڻ جي لاءِ اهڙي ??سم جي سياست ڪئي پئي وڃي.
عمران خان اڄ عدالت ۾ اهو تسليم ڪيو آهي ته وٽس ثبوت نه آهن: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون