اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? آهي ته والاريل ڪشمير ۾ حالتون معمول تي اچڻ تائين ڀارت سان ڳالهيون نه ٿيون ٿي سگهن، ڪشمير جي آزادي تائين پاڪ??تا?? ۾ ڪير سک سان نه ويهندو، ڀارت جي سمورين سازشن جي باوجود پاڪ??تا?? مضبوط ٿي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ا??تحصال ڏهاڙي جي موقعي تي ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪڍيل ريلي کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي قيادت ۾ پارليامينٽ هائوس کان ڊي چوڪ تائين ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير ڊاڪٽر بئريسٽر فروغ نسيم، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، سي ڊي اي معاملن واري خاص معاون علي نواز اعواڻ سميت ٻين وفاقي وزيرن ۽ پارليامينٽ ميمبرن کانسواءِ سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي. ريلي جي موقعي تي سائرن وڄايا ويا ۽ هڪ منٽ جي لاءِ خاموشي اختيار ڪئي وئي. ريلي کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته اڄ جي ڏينهن 2 سال اڳ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جو استحصال ڪيو ويو. ڀارت پنهنجي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪري ڇڏيو. پاڪ??تا?? ڀارت جي ان قدم سان ا??فاق نه ٿو ڪري. هن چي?? ته ڀارت جي ورڇ جنهن تي اصول تي ٿي هئي ۽ ان جي نتيجي ۾ پاڪ??تا?? ۽ ڀارت وجود ۾ آيا هئا، ڀارت ڪشمير ۾ ان ا??ول کي پائمال ڪيو. ان ا??ول موجب والاريل ڪشمير پاڪ??تا?? جو حصو بڻجڻو هو. هن چي?? ته ڪشميري عوام تي ڊوگرا راڄ ۾ جيڪي ظلم ڪيا ويا ڀارت انهن ظلمن جو سلسلو اڄ به جاري رکيو آهي. هن چي?? ته ڪشميرين کي پيلٽ گنز سان نشانو بڻايو وڃي ٿو. هزارين ڪشميري پنهنجي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ شهادت ماڻي چڪا آهن. هزارين عورتون بيواهه ٿيون آهن. ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جو بازار گرم ڪري رکيو آهي. هن چي?? ته گڏيل قومن پنهنجي قراردادن ۾ ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي. ڪشميرين کي گڏيل قومن جي انهن قرادادن جي ڏس ۾ انهن جي خودمختياري جو حق ملڻ گهرجي. دنيا ان معاملي تي خاموشي اختيار ڪري ورتي پر ڪشميري ان تي خاموش نه ويٺا. هر ڪشميري ٻار پنهنجي پيدائش کانپوءِ ڀارتي ظلمن جي خلاف پنهنجو آواز بلند ڪري ٿو. هن چي?? ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم دنيا جون اکيون کولڻ جي لاءِ ڪافي آهن. آزاد ڪشمير ۾ صورتحال پرامن آهي. ميڊيا آزاد آهي. سفارتڪارن کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حالتن جي جائزي لاءِ اتان جو دورو ڪرايو ويو. بئي طرف ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ميڊيا کي وڃڻ نه ٿو ڏنو وڃي. والاريل ڪشمير جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پوءِ به آزادي جو جهنڊو بلند ڪيل آهي. ڪشمير جي آزادي تائين پاڪ??تا?? جو ڪو به شخص سک سان نه ويهندو. ڪشميرين پنهنجي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڊگهي جدوجهد ڪئي آهي. صدر چي?? ته وزيراعظم عمران خان عالمي فورمن تي ڪشميرين جو ڪيس وڙهيو. پاڪ??تا?? ۽ ڪشميري عوام گڏيل قومن تي اعتماد جو اظهار ڪيو پر ڀارت گڏيل قومن جي قراردادن کي پٺتي ڪري ڇڏيو. هن چي?? ته ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. 30 کان 40 لک غيرڪشميرين کي ڪشمير جو ڊوميسائيل جاري ڪيو ويو. ڀارت ان قدم جي ذريعي اتي حالتون تبديل ڪرڻ چاهي ٿو. هن چي?? ته ڀارت پنهنجي ملڪ ۾ اقليتن سان انسان سوز سلوڪ ڪري رهيو آهي ۽ اهو ئي سلوڪ ڪشميرين سان به ڪري رهيو آهي. هن ڀارت کي خبردار ڪندي چي?? ته ڀارتي سازشن جي باوجود پاڪ??تا?? هڪ مضبوط ملڪ بڻجي اڀري رهيو آهي. پاڪ??تا?? ڪشميرين کي آزادي ڏياري رهندو. هن چي?? ته ڀارت باهه سان کيڏي رهيو آهي. ڀارت ۾ غربت تمام وڌيڪ آهي. هن چي?? ته پاڪ??تا?? تحريڪ انصاف جي موجوده حڪومت امن جي خواهش ڪئي پر پاڪ??تا?? ڪشمير ۾ حالتون معمول تي اچڻ تائين ڀارت سان ڳالهيون نه ڪندو. جيستائين ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي کنيل قدم واپس نه ٿو وٺي ان وقت تائين ڳالهيون نه ٿينديون. ريلي جي پڄاڻي تي شهيدن جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي.
والاريل ڪشمير ۾ حالتون معمول تي اچڻ تائين ڀارت سان ڳالهيون نه ٿيون ٿي سگهن: صدر
مضمون کا ماخذ : loteria Ceará