بيجنگ – 05 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اڄ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، ازبڪستان جي صدر ۽ چين جي وزيراعظم سان ملاقاتون ڪندو جڏهن ته وزيراعظم اڄ صدر شي جن پنگ پاران ملڪي سربراهن جي مان ۾ ڏنل مانجهاندي ۾ پڻ شري?? ٿيندو، اڄ وزيراعظم سان ڪراچي ۽ فيصل آباد ۾ پاڻي جي منصوبن جي حوالي سان چيني سيڙپڪارن جون ملاقاتون ٿينديون، ??راچي ۾ ڪي فور منصوبي، حب ڪينال جڏهن ته فيصل آباد ۾ واٽر ٽريٽمينٽ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه مڪمل ٿي آهي. وزيراعظم عمران خان جي چين جي دوري جي حوالي سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم اڄ چين جي صدر پاران ملڪي سربراهن جي مان ۾ ڏنل مانجهاندي ۾ شرڪت ڪندو، وزيراعظم عمران خان جي اڄ شام جو گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، ازبڪستان جي صدر ۽ چين جي وزيراعظم سان ملاقا?? ٿيندي. هن چيو ته گذريل ڏينهن چين جي سرمائي اولمپڪس ۾ پاڪستان جي ٽيم پهريون ڀيرو شري?? ٿي، پاڪستاني ٽيم جي چين جي عوام پاران شاندار ??جيان ڪئي وئي. هن چيو ته پاڪ چين دوستي ٻنهي ملڪن جي عوام جي هڪ ٻئي لاءِ محبت جي اظهار ??ي ٻڌل آهي. چيني سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪري رهيا آهن. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ٿنڪ ٽينڪس سان به ملاقا?? ٿي، وزيراعظم زور ڏنو ته دنيا هڪ ٻي سرد جنگ کي برداشت نه ٿي ڪري سگهي، پاڪستان چين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تڪرار ??ل ڪرڻ ?? پنهنجو ڪردار ??دا ڪرڻ لاءِ تيار ??هي. هن چيو ته وزيراعظم سڀاڻي چين جي صدر شي جن پنگ سان ون آن ون ملاقات ڪندو، صدر شي سان اڄ مانجهاندي ۾ پڻ ملاقا?? ٿيندي. ان ملاقات ۾ پاڪستان جي مستقبل جي لاڳاپن جي حوالي سان وڌيڪ ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اڄ وزيراعظم سان پاڪستان جي اقتصادي لاڳاپن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي.
وزيراعظم عمران خان اڄ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، ازبڪستان جي صدر ۽ چين جي وزيراعظم سان ملاقاتون ڪندو: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر