اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان تاجڪستان جي پرڏيهي وزير سراج الدين مهردين ملاقات ڪئي. اها ملاقات اسلامي ت??اون تن??يم جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي ٿي. ملاقات دوران هن گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ وڌندڙ ٻطرفي ت??اون تي ??طمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 30 هين سالگرهه تي پرڏيهي وزير کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم سيپٽمبر 2021ع ۾ دوشنبه جي پنهنجي سرڪاري دوري جو حوالو ڏنو ۽ دوري دوران ڪيل فيصلن تي ??ملدرآمد تي ??طمينان جو اطهار ڪيو، وزيراعظم واپاري ۽ اقتصادي رابطن کي وڌائڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي کي جلد مڪمل ڪرڻ جي اهميت تي ??ور ڏنو، وزيراعظم معيشت، واپار، توانائي، رابطي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن سميت ٻطرفي ت??اون کي جامع طور تي ??هتر بڻائڻ جي پنهنجي خواهش جو ورجاءُ ڪيو، هن ”ويزن سينٽرل ايشيا“ پاليسي ت??ت وچ ايشيا سان پاڪستان جي وڌندڙ رابطن کي به اجاگر ڪيو ۽ ڪاسا 1000 پاور پراجيڪٽ جي وقت سر تڪميل جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، وزيراعظم افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ انساني امداد جي فراهمي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت تي ??ور ڏنو. علائقائي خوشحالي لاءِ ملڪ ۾ ڊگهي امن ۽ استحڪام جي اهميت تي ??ور ڏيندي وزيراعظم ان سلسلي ۾ پاڙيسري ملڪن جي اهم ڪردار تي ??ور ڏنو. وزيراعظم زور ڏئي چيو ته پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان سڀني جي مفاد ۾ آهي.
وزيراعظم عمران خان سان تاجڪستان جي پرڏيهي وزير سراج الدين مهردين جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک