اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ سوئيٽزرلينڊ جي وچ ۾ ڌرين جي گڏيل مشاورت کانپوءِ آزاداڻي معاهدي تي جلد صحيحون ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معاهدي سان واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ بهتر ۽ تيز رفتار تعاون جو باضابطا فريم ورڪ ملندو. ايوان ??در جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار سوئيٽزرلينڊ جي عهدو ڇڏيندڙ سفير بينيڊڪٽ ڊي سرجٽ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان ??در ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن چيو ته عالمي برادري ڀارت ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا ۽ شدت پسندي جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺي، عالمي برادري ڀارت ۾ اقليتن کي ڊيڄارڻ ڌمڪائڻ ۽ اسلامو فوبيا سان واڳيل تشدد جي واقعن کي روڪڻ جي لاءِ بامعنيٰ قدم ک??ي. صدر چيو ته دنيا جي ڪنهن به حصي مان ??يندڙ پناهگيرن سان هڪ جهڙو سلوڪ ڪرڻ گهرجي، پناهگيرن کي رنگ، نسل، مذهب يا علائقي جي فرق کانسواءِ سهولتون ۽ پناهه ڏيڻ گهرجي. صدر ان ڳالهه ??ي زور ڏنو ته عالمي برادري تڪرارن جو شڪار ملڪن ۾ ڇڪتاڻ ۽ بدامني کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ عملي قدم ک??ي، ڇڪتاڻ جو شڪار ملڪن ۾ امن جي لاءِ سازگار حالتون پيدا ڪيون وڃن ته جيئن انهن جي آبادي کي پناهگير بڻجڻ کان ??وڪي سگهجي. صدر چيو ته پناهگيرن جي انگ ۾ گهٽتائي آڻڻ سان ميزبان ملڪن تي بار گهٽ پوندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ??ياحت ۽ مهمان نوازي جي شعبن ۾ سوئيٽزرلينڊ جي تجربي مان فائدو کڻي سگهي ٿو. صدر اميد ظاهر ڪئي ته عهدو ڇڏيندڙ سفير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياحت بابت تعاون جي مڪمل صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ ڪم ڪندو، پاڪستان معيشت ۽ واپار ۾ سوئيٽزرلينڊ سان ڊگهي مدي واري حصيداري کي قدر جي نگاهه ??ان ڏسي ٿو. صدر چيو ته پاڪستان ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ سوئيٽزرلينڊ جي ڪردار کي ساراهي ٿو. هن سوشل ميڊيا ذريعي پاڪستان ??ي سافٽ اميج کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ سفير جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته سوئيٽزرلينڊ پاڪست??ن ۾ فوڊ پروسيسنگ، فارماسيوٽيڪل، ڪيميڪل ۽ انجنيئرنگ جي شعبن ۾ ڇهون وڏو سيڙپڪار آهي. صدر عهدو ڇڏيندڙ سفير کي پاڪست??ن ۾ ڪامياب مدو مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان سوئيٽزرلينڊ جي عهدو ڇڏيندڙ سفير بينيڊڪٽ ڊي سرجٽ جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری