رياض – 29 فيبروري (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد ب?? سلمان بن عبدالعزيز آل سعود ۽ فرانسيسي صدر ايمانويل ميڪرون ٽيليفون ت?? غزه جي تازي صورتحال، جنگ س??ب متاثر علائقي ۾ امداد پهچائڻ ۽ احمر سمنڊ جي سلامتي سميت ٻين معاملن ت?? خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. العربيا مطابق فون ت?? ڳالهائيندي ٻنهي اڳواڻن سعودي عرب ۽ فرانس وچ ۾ ٻه طرفا لاڳاپن جو جائزو ورتو. ان کان علاوه گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت ٻين معاملن ت?? خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ڪيترن ئي علائقائي ۽ بين الاقوامي معاملن، احمر سمند جي سلامتي، غزه جي پٽي ۾ جاري جنگ ۽ جنگ س??ب متاثر ماڻهن لاءِ امداد جي فراهمي سميت ٻين معاملن ت?? خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. فرانسيسي ايوان صدر مان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٻڻهي اڳواڻن غزه ۾ جنگبندي بابت معاهدي تائين پهچڻ جي شديد ضرورت تي زور ڏنو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی