رياض-29 مئي(اي پي پي) سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت حج پانڌيئڙن کي فوڊ پوائزننگ کان بچڻ جي هدايت ڪئي آهي، ميڊيا رپورٽن موجب ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ حج پانڌيئڙن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهڙو کاڌو کائڻ کان پاسو ڪيو وڃي جنهن جو رنگ ۽ خوشبو تبديل ٿي ويو هجي. جڏهن ته کليل ۽ ڌوئڻ کان سواءِ شين جي استعمال کان پڻ پاسو ڪيو وڃي. وزارت حج پانڌيئڙن کي پنهنجي دوائن کي مناسب طريق?? س??ن رکڻ ، صحت مسئلن کان بچڻ ۽ مناسڪ حج کي آسان?? س??ن ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي،جاري ڪيل هدايتن ۾ چيو ويو آهي ته حج پانڌيئڙا پنهنجي دوائن جي فولڊر کي ٻين ماڻهن جي دوائن کان پري رکن. اها پڻ هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي فلائٽ ڊاڪٽر يا سپر وائزر کي مريض جي صحت ??ان آگاه ڪن ۽ صحت جي حوال?? س??ن ميڊيڪل رپورٽ جي ڪاپي پاڻ سان گڏ رکن .
مضمون کا ماخذ : پنجاب لاٹری