ڪويت سٽي -27 ڊسمبر (اي پي پي) نار سهڪار ڪائونسل (جي سي سي) وزارا ڪائونسل جو 46هون غير معمولي ا??لا?? ڪويت ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ شام، لبنان ۽ غزه جي تازي صورتحال تي غور ڪيو ويو. اي پي پي موجب نار سهڪار ڪائونسل ( جي سي سي )جي ا??لا?? ۾ شرڪت ڪندڙن شام جي خودمختياري ۽ سلامتي جي اهميت تي زور ڀريندي ڪنهن به قسم جي پرڏيهي مداخلت کي رد ڪري ڇڏيو. ا??لا?? ۾ ان ڳالهه جو يقين ڏياريو ويو ته شام جي عوام جي خواهشن موجب اقتدار جي منتقلي لاءَ ڪيل عوامي ڪوششن جو مڪمل احترام ڪيو ويندو. وزارتي ڪائونسل شام ۾ شهرين جي تحفظ کي يقيني بنائڻ ۽ قومي مفاهمت جي شام جي رياستي ادارن جي سلامتي لاءِ ڪيل قدمن جي به آجيان ڪئي. شام کي اقتصادي طور تي با اختيار بنائڻ ۽ لاڳو ڪيل پابنديون هٽائڻ تي به زور ڏنو ويو. ڪائونسل شام ۽ ان جي سرحدي علائقن ۾ لڳاتار اسرائيلي حملن ، والاريل گولان ۾ توسيع پسندي ۽ اسرائيلي قبضي جي مذمت ڪئي جيڪا گڏيل قومن جي چارٽر موجب عالمي قانون ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي سنگين خلاف ورزي آهي. ڪائونسل لبنان جي خود مختياري ۽ سلامتي جي حوالي سان جي سي سي ملڪن جي موقف جي توثيق ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مڪمل سياسي ۽ اقتصادي سڌارن تي عمل در آمد ڪيو وڃي ته جيئن علائقو دهشتگردي ۽ منشيات جي اسمگلنگ جو مرڪز نه بڻجي سگهي. اهڙيون سرگرميون خطي جي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرناڪ هونديون آهن. ان جي حل لاءِ لبناني سيڪورٽي فورسز جي ڪردار جي اهميت کي به اجاگر ڪيو ويو . وزارتي ڪائونسل جي ا??لا?? ۾ لبنان تي اسرائيلي جارهيت جي مذمت ڪندي سلامتي ڪائونسل طائف معاهدي تي عمل در آمد کي يقيني بنائڻ ۽ لبنان جي خودمختياري جي اهميت تي زور ڏنو. ا??لا?? جي آخر ۾ وزارتي ڪائونسل ان ڳالهه جو يقين ڏياريو ته جي سي سي ملڪ پنهنجي فلسطيني ڀائرن سان ثابت قدمي سان بيٺا آهن. ا??لا?? ۾ غزه پٽي ۾ جنگ بندي ، اسرائيلي گهيري کي ختم ڪرڻ سان گڏو گڏ سموريون سرحدون غير مشروط ?? فوري طور تي کولڻ تي به زور ڏنو ويو ته جئين انساني بنيادن تي امدادي ڪمن کي تيز ڪندي ضرورتمندن تائين امداد جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي. ا??لا?? ۾ سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سميت ڪويت ۾ عرب جي سفير شهزاده سلطان بن سعد بن خالد، عرب ملڪن جي ادارتي معاملن جي ڊائريڪٽر غازي العنزي ، سعودي سفا??ت خاني جي سياسي معاملن بابت ڊائريڪٽر القحطاني به موجود هيو.
جي سي سي وزرا ڪائونسل جو اجلاس، شام، لبنان ۽ غزه جي صورتحال تي غور
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha