اسلام آباد – 02 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم مح??د نواز شريف ترڪ??ءَ جي قيادت ۽ عوام کي 15 جولاءِ جي رات جمهوريت تي حملي جي خلاف ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪ??ءَ جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا گڏيل تاريخ، ثقافت، روايتن، مذهب ۽ سماجي قدرن تي ٻڌل آهن. هو ترڪ??ءَ جي پرڏيهي وزير ميولود چاوش اولو سان ڳالهائي رهيو هو جنهن وفد سان گڏ هتي وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ترڪ??ءَ سان يڪجهتي جي عزم کي ورجايو ۽ 28 جون تي اتاترڪ انٽرنيشنل ايئرپورت تي دهشتگردن جي حملي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو.
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری