اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) نيلم جهلم هائيڊرو اليڪٽرڪ پراجيڪٽ ايندڙ سال 28 فيبروري تي افتتاح لاءِ ??يار هوندو، واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) مزمل حسين اها ڳالهه وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم محمد نواز شريف سان ملاقات دوران ٻڌائي. وزيراعظم واپڊا چيئرمين کي اهم هائيڊرو پاور پراجيڪٽس تي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ جي ذميداري سونڀي هئي ته جيئن ان کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪري سگهجي. نيلم جهلم پراجيڪٽ جي ليفٽ ٽنل ڪنيڪ??ن کي 23 آڪٽوبر 2016ع تي مڪمل ڪيو ويو.
مضمون کا ماخذ : quina acumulada