اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار سان عالمي بئنڪ جي پ??ڪستان بابت ڪنٽري ڊائريڪٽر پاچا موٿوايلانگو جي سربراهي ۾ وفد ملاقات ڪئي. ناڻي واري وزارت جي بيان موجب ان موقعي تي حڪومت پاران اقتصادي سڌارن جي حوالي سان کنيل مختلف قدمن ۽ ڪ??رڪردگي جو جائزو ورتو ويو. ملاقات ۾ ٻڌايو ويو ته آءِ ايم ايف جي تع??ون سان اقتصادي ترقي جي ايجنڊا تي عمل جاري آهي ۽ حڪومت سڌارن جي پ??وگرامن کي جاري رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي جنهن جو مسلم ليگ (ن) پنهنجي 2013ع جي چونڊ منشور ۾ به واعدو ڪيو هو. ناڻي واري وزير چيو ته هيستائين حڪومت پاران ڪيل سڌارن سان ملڪ کي فائدو پهتو آهي. هن حڪومت جي باقي مدي دوران پڻ سڌارن واري پ??وگرامن کي جاري رکڻ جو يقين ڏياريو.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق