اسلام آباد – 09 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اسان جي حڪومت مشڪلاتن جي باوجود ڪم ڪري ??يکاريو، توانائي بحران تي ضابطو آندو ويو. هو پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل (پي اي سي) جي اهتمام هيٺ ساليان?? انجنيئرز ڪنوينشن کي خطاب ڪري رهيو هو. دفاع وارو وزير خرم دستگير، گهرو ۽ منصوبابندي وارو وزير احسن اقبال ۽ پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جو چيئرمين به ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم چيو ته اميد آهي ته پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جو ڪنوينشن هڪ اهڙو ساليانو ايونٽ ثابت ٿيندو جتي ملڪ ۾ انجنيئرنگ ۽ انجنيئرز جي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری نمبر کا انتخاب