اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبرن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي عوام کي درپيش مسئلن جي نشاندهي ۽ انهن جي فو??ي حل کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي تڪن ۾ عوام سان لاڳيتو رابطي ۾ رهن. هن اها ڳالهه لاهور ۽ ساهيوال ڊويزن سان تعلق رکندڙ پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبرن سان وزيراعظم آفيس ۾ ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وزير شفقت محمود، وزيراعظم جو سياسي معاملن وارو خصوصي معاون نعيم الحق ?? پاڪستان تحريڪ انصاف جو سيڪريٽري جنرل ارشد داد پڻ موجود هئا.
مضمون کا ماخذ : میگا جیک پاٹس: کلیوپیٹرا