اسلام آ??اد – 06 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پنجاب جي سينئر وزير عليم خان جي گرفتاري سان پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ ??ين سياسي پارٽين جي ڪلچر جو فرق واضح ٿيو آهي. مقامي هوٽل ۾ ميڊيا ليب جي لانچنگ تقريب کي خطاب کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته اڄ نيب عليم خان کي طلب ڪيو هو، جڏهن نيب جي ط??فان ان کي ٻڌايو ويو ته توهان کي گرفتار ڪيو پيو وڃي ته هن فوري طور تي پنجاب جي وڏي وزي?? کي پنهنجي استعيفا موڪلي ڇڏي، جنهن سان پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪلچر جي خبر پوي ٿي ته اسان جي پارٽي احتساب جي عمل کي ڪهڙي ط??ح حمايت ڪندي آهي.
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis