اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ??هي ته مسلم ليگ (ن) نوٽ کي ووٽ سان ڀيٽڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آهي، مخالف ڌر جي مفاد ۾ نه ??هي ته اليڪشن شفاف ٿئي ۽ ان ۾ پئسن جو اثر رسوخ نه هجي، هو اهڙن ماڻهن کي چونڊرائڻ چاهين ٿا جيڪي اهليت نه رکندا هجن ۽ نه ئي قابليت، انهن جون ترجيحون پنهنجي ڪاروبار کي فروغ ڏيڻ آهي، عوام جي مفادن ۽ حقن جو ٻيڙو وزيراعظم عمران ??ان کنيو آهي، جيڪو روشني جي قوت آهي، قومي چونڊن ۽ سينيٽ چونڊن جي باري ۾ اسان ??و بيانيو ڪافي واضح ٿي ويو ??هي ته ڪير ڪٿي بيٺل آهي، پٽ جي وڊيو کانپوءِ يوس?? رضا گيلاني کي ٻي ئي ڏينهن استعيفيٰ ڏيڻ گ??ربو هو. هو سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ ڪامياب ٿيندڙ سينيٽر بئريسٽر علي ظفر سان گڏ پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته گذريل ڪيترن ئي هفتن ۽ مهينن کان ??مران ??ان ۽ سندس حڪومت ان ڳالهه تي زور ڏئي رهي هئي ته چونڊ عمل شفاف هجڻ گ??رجي. هن چيو ته شفاف اليڪشن کانپوءِ اسان ??ي ايوان ??و تقدس بحا?? ۽ 1985ع کان ??روع ٿيندڙ پئسي جي ڪلچر جو خاتمو ممڪن آهي. پئسن جي ڪلچر سان ??يوان ۾ ايندڙن جون ترجيحون عوام نه پر پئسو ڪمائڻ هوندو آهي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي اسان ??ي سياسي ڪلچر کي پئسن سان ??نڱي ڇڏيو. هن چيو ته وزيراعظم عمران ??ان 2015ع کان ??ليڪشن سڌارن جي ڳالهه ڪئي ۽ 2018ع سينيٽ اليڪشن ۾ پنهنجي 20 ميمبرن کي فارغ ڪيو. ان کان پهرين يا پوءِ ڪنهن سياسي پارٽي ۾ ائين نه ٿيو. هن چيو ته سينيٽ اليڪشن کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ وزيراعظم سپريم ڪورٽ کان ??هنمائي وٺڻ، قومي اسيمبلي ۾ بل پيش ڪرڻ ۽ صدارتي آرڊيننس جاري به ڪيو ويو، جيڪڏهن مخالف ڌر پارٽيون به اتفاق ڪري وٺن ها ته اڄ سينيٽ اليڪشن شفاف ٿي سگهن ها.
مسلم ليگ (ن) نوٽ کي ووٽ سان ڀيٽڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آهي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : como apostar na mega sena