اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) وفاقي ڪابينا اليڪشن ڪميشن جي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن (اي وي ايم) جي استعمال ۽ اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي سهولت لاءِ اختيار ڏيڻ بابت 2 آرڊيننس، سنڌ حڪومت جي درخواست تي سنڌ ۾ ايس او پيز تي عملدرآمد جي لاءِ فوج مقرر ڪ??ڻ، عيدالفطر تي قيدين کي سزائن ۾ 90 ڏينهن معافي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، سرڪاري ملازم نوڪري تان استعيفيٰ ڏيڻ کانسواءِ ايم پي ون ۽ ايم پي ٽو اسڪيل حاصل ڪ??ڻ، آءِ پي پيز کي رهتن جي مد ۾ 40 سيڪڙو ادا ڪرڻ ۽ پاڪ سعودي لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ سپريم ڪوآرڊينيشن ڪميٽي کي فعال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين وزيراعظ?? عمران خان جي صدار?? ۾ ??فاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي اجلاس جي ڪارروائي بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وزيراعظ?? عمران خان اجلاس شروع ٿيڻ تي ??دا??ت ڪئي ته بزرگ ماءُ پيءُ جي تحفظ جي حوالي سان قانونسازي جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. وزيراعظم کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي راءِ جي حق جو اختيار ڏيڻ جي هوالي سان اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي.
وفاقي ڪابينا اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي استعمال بابت 2 آرڊيننسن جي منظوري ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان