اسلام آباد – 04 ڊسمبر (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي راندين جون سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، مقامي سطح تي راندين ۾ شرڪت کي ??قيني بڻائي باصلاحيت نوجوانن کي ??وقعا فراهم ڪيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار وزير??عظ?? ني??نل اسپورٽس پاليسي ۽ پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي انتظامي ڍانچي جي نئين سر جوڙجڪ تي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي وزير??عظ?? عمران خان چيو ته پاڪستان اسپورٽس بورڊ ريگيوليٽر طور تي ڪم ڪندو، پاڪستان اسپورٽس بورڊ نوجوانن کي راندين جي معياري سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائيندو. وزير??عظ?? وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ راندين ۾ نوجوانن جي شرڪت وڌڻ سان راندين جو معيار بهتر ٿيندو. هن چيو ته پاڪستاني نوجوانن ۾ دنيا جو هر ميدان فتح ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي، اجلاس کي ??اڪستان اسپورٽس بورڊ جي انتظامي ڍانچي، ني??نل اسپورٽس پاليسي، ان حوالي سان صوبن سان مشاورت ۽ راندين جي فروغ جي لاءِ قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ??ڌايو ويو ته پاڪستان اسپورٽس بورڊ جو آئيني مسودو تيار آهي جنهن تحت بورڊ ۽ ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبرن جي انگ کي ??حدود رکيو ويو آهي. بريفنگ دوران چيو ويو ته بورڊ جي اختيارن ۽ ذميوارين جو تعين ڪندي ملڪ ۾ راندين جي فروغ ۽ مثبت مقابلي جو ماحول قائم ڪرڻ جو خاص خيال رکيو ويو آهي. آئين تحت اداري جو نئون انتظامي ڍان??و پڻ تيار ڪيو ويو آهي جڏهن ته نئون آئيني مسودو پڻ سي سي ايل سي کان منظور ٿي چڪو آهي. اجلاس کي ??ڌايو ويو ته مختلف راندين جي فيڊريشنز جي لاءِ هدايتون پڻ جاري ڪيون ويون آهن، جن ۾ رجسٽريشن، اليڪشن جو طريقيڪار، ماڊل ڪانسٽي ٽيوشن، ريگيوليٽري فريم ورڪ ۽ ني??نل اينٽي ڊوپنگ آرگنائيزيشن آف پاڪستان شامل آهن. بريفنگ دوران اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي صوبن سان ني??نل اسپورٽس پاليسي جي تياري جي حوالي سان مشاورت بابت پڻ ٻڌايو ويو. صوبن سان تعاون ۽ را??طا وڌائي سڄي ملڪ ۾ راندين جون سرگرميون وڌايون وينديون. صوبا مقامي سطح تي راندين جي فروغ ۽ ڪلبز ۽ ايسوسيئيشنز کي سهولت فراهم ڪندا، ان کانسواءِ مقامي سطح تي صوبن پاران اهم راندين تي ترجيحي بنيادن تي ڌيان ڏنو ويندو. اجلاس کي ??ڏن شهرن ۾ هاڪي ٽرف جي حوالي سان پڻ ٻڌايو ويو. اسلام آباد ۾ ان تي ڪم مڪمل آهي جڏهن ته واهه ڪينٽ، فيصل آباد، ڪوئيٽا، پشاور، مظفرآباد ۽ گلگت ۾ ان تي ڪم تيزي سان جاري آهي. وزير??عظ?? عمران خان جاري منصوبن تي ڪم مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ بين الصوبائي را??طن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب، چئني صوبن جي راندين وارن وزيرن، پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير محمود خان اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيو.
نوجوانن کي راندين جون سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa