اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چ??و آهي ته ??اڪ??تان برطانيا سان ??اڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، ٻطرفي تعاون جو وڌيڪ فروغ اسان جي ترجيحن ۾ سرفهرست آهي، ??اڪ??تان جي عوام برطانوي شآاهي خاندان سان خصوصي لڳاءُ رکي ٿي، اهڙن خيالن جو اظهار هن برٽش هاءِ ڪميشن ۾ ملڪه برطانيا جي تاج پوشي جي 75 سال مڪمل ٿيڻ جي حوالي سان ??نعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ملڪه برطانيا جي تاج پوشي جي تقريب ۾ شرڪت منهنجي لاءِ خوشي جوڳي آهي، برطانيا سان دوستي تي ??اڪ??تان کي فخر آهي، ??اڪ??تان جي عوام برطانوي شآهي خاندان سان خصوصي لڳاءُ رکي ٿي، جڏهن به برطانوي شاهي خاندان جي ماڻهن ??اڪ??تان جو دورو ڪيو ته انهن جو شاندار استقبال ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته برطانيا سان ??اڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، پنجاب ۾ خادم پنجاب طور ڪم ڪندي برطانيا اسان جي حڪومت سان ڀرپور تعاون ڪيو ۽ پرائمري تعليم، ماءُ ۽ ٻار جي صحت ۽ پنجاب اسڪلز ڊيولپمينٽ ڪمپني جي ذريعي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ سيڙڪاري جي حوالي سان برطانيا اسان جي تمام گهڻي مدد ڪئي جنهن تي برطانوي حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته ??اڪ??تان ۽ برطانيا ۾ ٻطرفي تعاون جو وڌيڪ فروغ اسان جي ترجيحن ۾ سرفهرست آهي، برطانيا جي وزيراعظم بورس جانسن سان گذريل هفتي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ هن واپار جي شعبي ۾ تعاون جي فروغ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ان سلسلي ۾ برطانيا جو هڪ وفد جلد ??اڪ??تان جو دورو ڪندو، وزيراعظم چيو ته هو ملڪه برطانيا جي ڊگهي زندگي ۽ صحت ۽ سلامتي جي لاءِ دع??ڳو آهي، ملڪه برطانيا نه رڳو برطانيا پر پوري دولت مشترڪه جي لاءِ اتحاد، اميد ۽ تسلسل جي علامت آهي. تقريب کي ??اڪ??تان ۾ برطانيا جي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر پڻ خطاب ڪيو. بعد ۾ وزيراعظم شهباز شريف برطانوي هاءِ ڪمشنر سان گڏ ڪيڪ ڪاٽيو.
پاڪستان برطانيا سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، ٻطرفي تعاون جو وڌيڪ فروغ اسان جي ترجيحن ۾ سرفهرست آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن