شرم الشيخ – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ”ماحولياتي خطرن جي خلاف عالمي ڍال“ جي قدم جي ا??ميت ک?? ساراهيندي چيو آهي ته ماحولياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي يڪجهتي ۽ تعاون جي ضرورت آهي، ماحولياتي خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسرندڙ ملڪن ۾ مالي وسيلن کي ٺوس ۽ متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ بنيادي محرڪ جي طور تي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن اها ڳالهه ڪوپ – 27 جي سربراهه اجلاس ۾ ”نقصانن ۽ زيان تي قدم ۽ تعاون ۾ اضافو – ماحولياتي خطرن جي خلاف عالمي ڍال“ بابت اعليٰ سطحي گول ميز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي موقعي تي چئي. گول ميز ڪانفرنس جي ميزباني گڏيل طور تي جرمن چانسلر اولاف شولز ۽ گهانا جي صدر نانا اڪوفواڊو ڪئي. اجلاس ۾ ڪيت??ن ئي ملڪي ۽ حڪومتي سربراهن شرڪت ڪ??ي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان جهڙا ڪمزور اسرندڙ ملڪ اڳ ۾ ئي ماحولياتي تبديلي جي سنگين ۽ ت??اه?? آڻيندڙ اثرن جو مشاهدو ڪري رهيا آهن جڏهن ته پاڪستان جو ماحولياتي تبديلي ۾ تمام گهٽ حصو آهي. هن شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان جي ٻوڏ سٽيل علائقن جي صورتحال ۽ ٻوڏ کان متاثر علائقن جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي لاءِ حڪومت پاران کنيل قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ”نقصان ۽ زيان“ جو مسئلو پاڪستان جي ا??م ترجيحن مان هڪ آهي، هن ڪوپ – 27 جي ا??جنڊا ائٽم جي طور تي ا?? جي شموليت جي آجيان ڪئي. هن چيو ته اهو پهريون ڀيرو آهي جو سي ا?? پي نقصان ۽ زيان جي لاءِ فنڊنگ جي ا??تظامن تي باضابطا طور تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي جيڪو پاڪستان ۽ چين جي گروپ – 77 جي سربراهي ۾ اسرندڙ ملڪن جي مسلسل دٻاءُ جي ذريعي حاصل ڪيو ويو آهي. وزيراعظم ”ماحولياتي خطرن جي خلاف عالمي ڍال“ قدم جي ا??ميت ک?? ساراهيندي ماحولياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي يڪجهتي ۽ تعاون تي زور ڏنو. هن چيو ته گهربل فنانسنگ سهولت کي اسرندڙ ملڪن ۾ نقصان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مالي وسيلن کي ٺوس ۽ متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ بنيادي محرڪ جي طور تي ڪم ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته ڪوپ – 27 ان سلسلي ۾ واضح ۽ حتمي فيصلو ڪرڻ جو وقت سر موقعو فراهم ڪيو آهي.
ماحولياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي يڪجهتي ۽ تعاون جي ضرورت آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک