اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگرد ۽ شرپسند عنصر ڪنهن به قيمت تي پاڪستاني عوام جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن، هم ملڪ جي حفاظت جي لاءِ ڪنهن قرباني کان نه ڪيٻائينداسين، تازي دهشتگردي جي لهر جي تدارڪ جي لاءِ سمورا وفاقي ۽ صوبائي ادارا پنهنجي وچ ۾ تعاون وڌائين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال تي جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سربراهن ۽ سمورن صوبن جي چيف سيڪريٽريز ۽ آء?? جيز شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وز??ر ۽ گهرو سيڪريٽري ملڪ جي مجموعي صورتحال تي بريفنگ ڏني، چئني صوبن جي آء?? جيز ۽ چيف سيڪريرين وزيراعظم کي تازي دهشتگردي جي واقعن تي تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ امن امان جي لاءِ قدمن کان آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وز??ر ۽ آء?? جي اسلام آباد وزيراعظم کي اسلام آباد پوليس جي پگهارن ۾ اضافي ۽ ايف سي جي راشن الائونس کي وڌائي باقي سمورين فورسز جي برابر ڪرڻ تي ٿورا مڃيا ۽ چيو ته ان ??ان اسلام آباد پوليس جو مورال بلند ٿيو آهي. وزيراعظم نيشنل ڪوآرڊينيٽر نيڪٽا کي هدايت ڪئي ته دهشتگردي جي مڪمل روڪٿام لاءِ صوبائي سي ٽي ڊيز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ??ان رابطن کي وڌيڪ فعال بڻائي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته گهرو وزير، گهرو سيڪريٽري ۽ نيشنل ڪوآرڊينيٽر نيڪٽا صوبن ۾ وڃي ان حوالي ??ان تفصيلي مشاورت ڪن ۽ ٺوس حڪمت عملي جوڙي پيش ڪن. وزيراعظم چيو ته صوبائي ايپڪس ڪميٽيون پنهنجا اجلاس باقاعدگي ??ان منعقد ڪن ۽ ادارن جي وچ ۾ تعاون ??ان دهشتگردي جي ناسور کي پاڙ کان پٽي اڇلائين.
دهشتگرد ۽ شرپسند عنصر ڪنهن به قيمت تي پاڪستاني عوام جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا