ابوظهبي – 12 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، اسان جي حڪومت سيڙپڪارن کي بهترين سهول??ون فراهم ڪر?? جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل عرب امارات جي سيڙپڪارن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، هوابازي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير سالڪ حسين ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. وفد ۾ ابوظهبي ڊيولپمينٽ هولڊن?? ڪمپني (اي ڊي ڪيو) جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر محمد حسن السويدي ۽ انٽرنيشنل هولڊنگز ڪمپني (آءِ ايڇ سي) جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد بصر شعيب ۽ ٻيا شامل هئا. وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن ۽ اسان جي حڪومت سيڙپڪارن کي بهترين سهول??ون فراهم ڪر?? جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. ملاقات دوران وفد کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وفد کي خوراڪ ۽ زرا??ت، هوابازي، بجلي، متبادل توانائي بشمول شمسي توانائي، مالياتي خدمتن، صحت جي سارسنڀال، صن??ت، لاجسٽڪس، ريئل اسٽيٽ جي شعبن ۾ پاڪستان جي جيو اڪنامڪ صلاحيتن تي بريفنگ ڏني وئي. محمد حسن السويدي اي ڊي ڪيو جي عالمي موجودگي کي وڌائڻ ۽ پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان دلچسپي ظاهر ڪئي. اي ڊي ڪيو وچ اوڀر جي خطي جي سڀ کان وڏي هولڊن?? ڪمپنين مان هڪ آهي جنهن وٽ ابوظهبي جي نان آئل معيشت جي اهم شعبن جو احاطو ڪندڙ ڪاروباري ادارن جي متنوع پورٽ ف??ليو آهي.
پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، اسان جي حڪومت سيڙپڪارن کي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار