اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان جي فسطائيت، ملڪ دشمني ۽ ملڪ تي حملو ڪندڙن جو ??ند??بست ٿي رهيو آهي ته اڳتي سياست جي آڙ ۾ ڪير ملڪ دشمني نه ڪري. عمران خان جي بيان تي پنهنجي ردعمل جو اظهار ڪندي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت اهڙو ??ند??بست ڪري رهي آهي ته اڳتي ??نه?? به رياست تي حملو نه ٿي سگهيو، اڳتي شهيدن ۽ غازين جي يادگارن جي ڪير بي حرمتي نه ڪري سگهي. هن چيو ته عمران خ??ن ماڻهن جي ڌيئرن جي گهرن تي حملا ڪرايا، ڌيئرن کي والدين جي سامهون گرفتار ڪيو، ماڻهن کي ڀينرن کي گهيليو، ان جي باوجود ڪو عمران خان وانگر ملڪ تي حملي آور نه ٿيو. هن چيو ته عمران خان سياست جي لبادي ۾ عوام کي سزا ڏني. نه ملڪي معيشت کي ڇڏيو ۽ نه عوام جو روزگار ڇڏيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ت?? بندوبست ٿي رهيو آهي ته جيئن پاڪستان جي تاريخ ۾ اڳتي ڪا اها ڪوشش ۽ ملڪ دشمني جي جرئت نه ڪري سگهي.
عمران خان جي فسطائيت، ملڪ دشمني ۽ ملڪ تي حملو ڪندڙن جو بندوبست ٿي رهيو آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : estatisticas para ganhar na loteria