اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ اڱاري ڏينهن خصوصي اقتصادي زون جي پ??ڙه?? جو پٿر رکي سڄي ملڪ ۾ راندين جي ترقي ۽ نوجوانن کي راندين ۾ عالمي معيار جي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ اسلام آباد ۾ وزيراعظم يوٿ اسپورٽس انيشي ايٽو جو آغاز ڪ??دو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم يوٿ اسپورٽس ترقياتي قدمن تح?? وزيراعظم پاڪستان ۾ راندين کي عالمي مقابلن جي لاءِ تيار ڪرڻ جي لاءِ عالمي معيار جون سهولتون فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪ ۾ راندين جي ترقي ۽ رانديگرن جي لاءِ اسپورٽس انڊوومنٽ فنڊ جاري ڪ??دو. ان کانسواءِ وزيراعظم اسلام آباد ۾ پاڪستان جي پهرين اسپورٽس يونيورسٽي، بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن جي مدد لاءِ ايليٽ اسپورٽس پرسن ڊيولپمينٽ پروگرام ۽ مقامي رانديگرن سان گڏو عال??ي سطح تي تيزي سان سهرت ماڻيندڙ اي – اسپورٽس جي فروغ جا قدم پڻ جاري ڪ??دو. وزيراعظم تقريب کي خطاب پڻ ڪ??دو. وزيراعظم اڄ اسلام آباد ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي موبائيل فونز جي لاءِ عاضي رجسٽريشن نظام جاري ڪ??دو. سمنڊ پار پاڪستانين جي نشاندهي تي انهن جي پاڪستان ۾ قيام دوران ذاتي موبائيل فون تي ٽيڪس جي مدي کي 3 مهينن مان وڌائي 120 ڏينهن ڪرڻ سان گڏوگڏ ان جي لاءِ هڪ خودڪار نظام جاري ڪيو پيو وڃي جيڪو انهن جي آءِ ايم اي آئي کي پاڪستان جي عارضي دورن جي دوران بلاڪ ٿيڻ ۽ انهن کي اضافي ٽيڪس جمع ڪرائڻ کان بچائي??دو. وزيراعظم ان موقعي تي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪ??دو. وزيراعظم اڄ اسلام آباد ماڊل اسپيشل اڪنامڪ زون جي پ??ڙه?? جو پٿر رک??دو. اسلام آباد ماڊل اسپيشل اڪنامڪ زون وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ملڪ جي صنعتي ترقي جي ويزن موجب ملڪ جي اترئين حصي ۾ مقامي ۽ ٻاهرئين سيڙپڪارن کي صنعتون قائم ڪرڻ جو موقعو ڏي??دو. ان خصوصي زون سان روزگار جا 10 هزار کان وڌيڪ موقعا پيدا ٿيندي. وزيراعظم تقريب کي خطاب پڻ ڪ??دو.
وزيراعظم اسلام آباد ۾ خصوصي اقتصادي زون جي پيڙهه جو پٿر رکي يوٿ اسپورٽس انيشي ايٽو جو آغاز ڪندو
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔