اسلام آباد – 09 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ننڍي کنڊ جي عظيم مفڪر، فلسفي، سياسي اڳواڻ ۽ شاعر مشرق ڊاڪٽر علامه محمد اقبال ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي سياسي جلا بخشي، انهن جي اندر تحريڪ پيدا ڪئي، انهن کي غفلت جي خو??ب مان جاڳايو ۽ پنهنجي تقدير جو فيصلو پاڻ ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري اقبال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان سڀ ننڍي کنڊ جي عظيم مفڪر، فلسفي، شاعر ۽ سياسي اڳواڻ ڊاڪٽر علامه ماقبال کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، اڄ جي ڏينهن پوري قوم مفڪر پاڪستان علامه اقبال جي علمي، فڪري ۽ سياسي خدمتن جو اعتراف ڪري ٿي. هن چيو ته علامه اقبال جي شآعري نه رڳو اردو زبان جي تاريخ ۾ هڪ روشن باب جي حيثيت رکي ٿي پر هن پنهنجي ڪلام جي ذريعي ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي سياسي جلا بخشي ۽ انهن جي اندر تحريڪ پيدا ڪئي، علامه اقبال انهن کي غفلت جي خو??ب مان جاڳايو ۽ پنهنجي تقدير جو فيصلو پاڻ ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪيو. سندس چوڻ هو ته علامه اقبال پنهنجي شاعري ۽ خطبن جي مدد سان قوم جي رهنمائي ڪئي ۽ انهن جي اندر سياسي شعور بيدار ڪيو،سلاٹ_گیمز/136350.html"> ان مقصد جي لاءِ هن نوجوانن کي پنهنجي شاعري جو موضوع بڻايو ۽ انهن کي پنهنجي اندر خو??ي جو جذبو ۽ عقابي روح بيدار ڪرڻ جو سبق ڏنو. صدر چيو ته علامه اقبال چاهيندو هو ته ننڍي کنڊ جا مسلمان خاص طور تي نوجوان خو??ي جي فلسفي کي اختيار ڪندي پنهنجي اندر خو??اعتمادي پيدا ڪن ۽ اهي صفتون پيدا ڪن جن سان اهي پنهنجي قوم جي تقدير بدلائي سگهن، هو تعليم جي شعبي ۾ پنهنجي قوم جي ترقي جو خو??هشمند هو، نه رڳو جديد علم حاصل ڪرڻ جو وڏو حامي هو پر هن قوم جي نوجوانن کي قرآن حڪيم سان رشتو ڳنڍڻ جو پڻ درس ڏنو. هن چيو ته ڪلام اقبال اسان کي اهو پيغام ڏي ٿو ته شجاعت، دانائي، اعليٰ ڪردار، بهترين اخلاق، عزت نفس، دورانديشي ۽ خو??اعتمادي ئي اهي اعليٰ ترين انساني صفتون آهن جيڪي نه رڳو هڪ شخص پر قوم کي به نئين زندگي عطا ڪن ٿيون. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته علامه اقبال جو خو??ي جو فلسفو انقلابي حيثيت رکندڙ آهي، هن پنهنجي شاعري ۾ مسلمانن کي اميد جو پيغام ڏنو ۽ انهن جي اندر هڪ نئون جذبو ۽ نئين سوچ پيدا ڪئي. هن چيو ته علامه اقبال نه ر??و مسلمان امت کي پنهنجي اندر اتحاد، اتفاق ۽ يڪجهتي پيدا ڪرڻ جو پيغام ڏنو پر قوم کي درپيش وڏن چئلينجز جي نشاندهي پڻ ڪئي،سلاٹ_گیمز/136350.html"> ان جو پيغام عالمي حيثيت رکندڙ آهي ۽ اسان کي اڄ به مسلمان امت ۽ پاڪستان کي درپيش موجوده چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اقبال جي خو??ي جي فلسفي تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته اقبال ڏهاڙو اسان کي نه رڳو پيغام اقبال کان آگاهي حاصل ڪرڻ پرسلاٹ_گیمز/136350.html"> ان کي انفرادي ۽ قومي سطح تي اختيار ڪرڻ جي پڻ ياد ڏياري ٿو، اڄ جي ڏينهن اسان نه رڳو علامه اقبال کيسلاٹ_گیمز/136350.html"> ان جي خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا پرسلاٹ_گیمز/136350.html"> ان جي پيغام تي عمل ڪرڻ جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪريون ٿا. اچو عزم ڪريون ته اسان علامه اقبال جي خيالن ۽ فڪر کي پنهنجي لاءِ مشعل راهه بڻائيندي پاڪستان کي هڪ جديد اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪنداسين.
علامه محمد اقبال ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي سياسي جلا بخشي، انهن جي اندر تحريڪ پيدا ڪئي، انهن کي غفلت جي خواب مان جاڳايو ۽ پنهنجي تقدير جو فيصلو پاڻ ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪيو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری