اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي قابض عملدارن پا??ان مسلم ليگ ??مو?? ۽ ڪشمير کي پن??ن سالن جي لاءِ ”غيرقانوني“ قرار ڏيڻ جي فيصلي جي مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پا??ان جاري بيان موجب پارٽي جي قيادت هڪ ناليوارو ڪشميري اڳواڻ مسرت عالم بٽ ڪري رهيو آهي جيڪو 20 سالن کان وڌيڪ عرصي کان قيد ۾ آ??ي، مسلم ليگ ??مو?? ۽ ڪشمير پن??ين ڪشميري پارٽي آهي جنهن کي غيرقانوني سرگرمين جي (روڪٿام) ايڪٽ (يو اي پي اي) تحت ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي. بيان موجب ان کان اڳ ??مو?? ۽ ڪشمير لبريشن فرنٽ، جماعت اسلامي ??مو?? ۽ ڪشمير، دخت??ان ملت ۽ ??مو?? ۽ ڪشمير ڊيموڪريٽڪ فريڊم پارٽي کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي، انهن پارٽين جي قيادت کي ڊگهي حراست ۽ ملڪيتن جي ضبطگي جي ذريعي مسلسل ظلم ۽ ڏاڍ جو نشانو بڻايو پيو وڃي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته هن سال جي شروع ۾ سرينگر ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي آفيس کي پڻ سيل ڪيو ويو هو. بيان موجب سياسي پارٽين تي پابندي ۽ انهن جي قيادت تي ظلم ۽ ڏاڍ جمهوري اصولن ۽ عالمي انساني حقن ۽ انساني قانونن جي واضح خلاف ورزي آهي ۽ اهو قدم اختلاف راءِ کي دٻائڻ جي خواهش ظاهر ڪري ٿو. بيان موجب ??مو?? ۽ ڪشمير جي عوام ڀارت جي قبضي کي مستحڪم ڪرڻ جي انهن سخت حربن کي مسلسل رد ڪري ڇڏيو آهي، اهي قدم گڏيل قومن جي چارٽر جي بن??اد?? اصولن جي واضح خلاف ورزي آهن جيڪي ??مو?? ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي بن??اد?? حقن بشمول خودمختياري جي حق جي توثيق ڪن ٿا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت کي فوري طور تي پنهنجي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ??مو?? ۽ ڪشمير ۾ ڪالعدم سياسي پارٽين تي هنيل پابنديون هٽائڻ گهرجن، سمورن سياسي قيدين کي آزاد ۽ ??مو?? ۽ ڪشمير تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرڻ گهرجي.
پاڪستان پاران ڀارتي قابض عملدارن پاران مسلم ليگ ڄمون ۽ ڪشمير کي پنجن سالن لاءِ ”غيرقانوني“ قرار ڏيڻ جي فيصلي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس