اسلام آباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) سميت سمورين لاڳاپيل ڌرين جي معاشي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ نگران حڪومت جي معاونت کي ساراهيندي ان ڳالهه تي ??ور ڏنو آهي ته ايندڙ چونڊيل حڪومت کي گهرجي ته ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ معاشي پاليسين جي تسلسل ۽ ايس آءِ ايف سي جي قائم ڪيل معاشي قدمن جي رفتار مان فائدو کڻي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ايپڪس ڪ??يٽ?? جو نائون اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، نگران وفاقي ڪابينا جي ميمبرن، صوبائي وڏن وزيرن ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مختلف وزارتن ??لڪ ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان جاري منصوبن، پاليسي قدمن ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ کنيل قدمن بابت آگاهه ڪيو. ايپڪس ڪ??يٽ?? انهن منصوبن ۽ پاليسي قدمن تي ??طمينان جو اظهار ڪندي مجموعي حڪومتي ??ڪمت عملي تحت مقرر ڪيل هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ مثبت ڪردار کي ساراهيو. ڪ??يٽ?? ملڪ جي معيشت جي بهتري لاءِ کنيل قدمن جو مجموعي طور تي ??ائزو ورتو ۽ انهن جي ڪاميابي کي خوش آئنده قرار ڏنو. ڪ??يٽ?? ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ ۽ ان جي صلاحيت کي ڀرپور طريقي سان استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ مختلف شعبن ۾ قدمن، افرادي قوت جي ترقي، مواصلاتي ??نيادي ڍانچي جي بهتري ۽ مقامي تڪرارن جي حل لاءِ موثر طريقيڪار سان هڪ پائيدار نظام ٺاهڻ کي پڻ ساراهيو. ڪ??يٽ?? دوست ملڪن سان اقتصادي لاڳاپن تي ??ڳڀرائي جو جائزوو ٺندي انهن پاران سيڙپڪاري مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ کنيل قدمن کي پڻ ساراهيو. ڪ??يٽ?? اجلاس ۾ اسٽريٽجڪ ڪنالز ويزن 2030ع ۽ ايف بي آر سڌارن جي منظوري ڏني. آرمي چيف پاڪ فوج پاران ملڪ ۾ معاشي استحڪام ۽ ماڻهن جي معاشي ۽ سماجي بهتري جي لاءِ حڪومتي قدمن جي ڀرپور ساٿ جي عزم جو اظهار ڪيو. اجلاس جي پڄاڻي تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل، سمورين وزارتن، ادارن ۽ سمورين لاڳاپيل ڌرين جي معاشي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ نگران حڪومت جي معاونت ۽ مستقبل جي لاءِ هڪ عمده مثال قائم ڪرڻ ۾ ڪردار کي ساراهيو. هن ان ڳالهه تي ??ور ڏنو ته ايندڙ چونڊيل حڪومت کي گهرجي ته ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ معاشي پاليسين جي تسلسل ۽ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي قائم ڪيل معاشي قدمن جي رفتار مان فائدو کڻي.
ايندڙ چونڊيل حڪومت کي گهرجي ته ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ معاشي پاليسين جي تسلسل ۽ ايس آءِ ايف سي جي قائم ڪيل معاشي قدمن جي رفتار مان فائدو کڻي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن