اسلام آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڄ سومر ڏينهن ??شمير يڪجهتي ڏهاڙو مظفرآباد ۾ پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن سان گڏ ملهائيندو ۽ آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم پنهنجي مظفرآباد جي هڪ ڏينهن جي دوري دوران شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀريندو ۽ گل چاڙهيندو. نگران وزيراعظم کي ب??د ۾ گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويندو. نگران وزيراعظم آزاد ڪشمير جي قانونساز اسيمبلي جي خصوصي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو جتي هو خطاب پڻ ڪندو. نگران وزيراعظم سان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي جو اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو وزيراعظم چوڌري انوارالحق پڻ ملاقات ڪندو.
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے