اسلام آباد – 12 – فيبروري (اي پي ??ي) پاڪستان غزه جي شهر رفح تي اسرائيل جي فوجي جارحيت ۽ ان جي نتيجي ۾ فلسطيني عوام جي قتل عام ۽ ان جي تباهي ج?? سخت مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته رفح ۾ اسرائيل جي جارحيت غزه جي ماڻهن کي نسل ڪشي کان بچائڻ جي لاءِ انصاف جي عالمي عدالت پاران عارضي قدمن جي خلاف ورزي آهي. ترجمان چيو ت?? اهو غزه ۾ گذريل 4 مهينن دوران ٿيندڙ انساني تباهي ۾ وڌيڪ اضافو ڪندو ۽ امڪاني ج??گبندي ج?? لاءِ جاري ڪوششن کي خطري ۾ وجهي ڇڏيندو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسان عاليم برادري خاص طور تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها اسرائي??ي جارحيت ۽ انسانيت جي خلاف اسرائيل جي مسلسل ڏوهن کي فوري طور تي بند ڪرائڻ جي لاءِ فوري قدم کڻي.
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات