اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان قابض اسرائيلي ??وج پاران غزه جي عوام تي جاري ظلمن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڏکڻ غزه ۾ رفح جي اوڀرندي حصي ۾ ??لس??يني پناهگيرن جي لاءِ گڏيل قومن جي ريليف اينڊ ورڪس ايجنسي (يو اين آر ڊبليو اي) جي خوراڪ جي و??ڇ جي مرڪز تي حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي افيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڏڪار ۾ ورتل آبادي جي لاءِ خوراڪ جي و??ڇ جي ڪجهه باقي مرڪزن تي حملو اسرائيل جي ??لس??ينين کي وڏي پئماني تي فاڪا ڪشيءَ ۾ وجهڻ جي ڄاڻي و??ڻي ۽ غيرانساني پاليسي جو حصو آهي. هن چيو ته اها غيرانساني ڪارروائي ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهه آهي. ??لس??يني پناهگيرن جي لاءِ گڏيل قومن جي ريليف اينڊ ورڪس ايجنسي 20 لک کان وڌيڪ ماڻهن جي لاءِ لائيف لائين جو ڪم ڪري ٿي، اها پناهه فراهم ڪرڻ ۽ ضروري خوراڪ سان گڏوگڏ بنيادي صحت جي سارسنڀال جي خدمت فراهم ڪري ٿي، ان کي غزه تي جاري غيرانساني جنگ دوران عالمي ??مايت ۽ تحفظ جي ضرورت آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان والاريل اولهندي ڪناري ۾ 3500 نئين وسندين جي تعمير بابت اسرائيل جي تازي فيصلي جي سخت ترين ممڪن لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو، اها اسرائيلي ڪارروائي عالمي قانون، عالمي ??نساني قانونن ۽ گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن جي خلاف ورزي آهي. هن چيو ته اهو هڪ آزاد، خودمختيار ۽ متصل ??لس??يني رياست جي امڪانن کي وڌيڪ ڪمزور ڪري ڇڏيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها ??لس??يني عوام جي خلاف قابض عملدارن جي انهن ڏوهن جو خاتمو ڪري ۽ گڏيل قومن جي چارٽر تحت ??لس??يني عوام جي تڪليفن جو خاتمو ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري.
پاڪستان پاران قابض اسرائيلي فوج پاران غزه جي عوام تي جاري ظلمن تي ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : نتیجہ یہ ہے کہ